هي قصو آهي اڄ کان تقريبن ڏيڍ صدي اڳ جو. هي قصو آهي هڪ نيو يارڪ ڄائي ڪاري چمڙيءَ واري  آفريڪي_آمريڪيء جو. هي tyas9قصو آهي هڪ آزاد شخص جو جيڪو وڏن گھراڻن جي شادين توڙي ٻين اهم تقريبن ۽ ڏُڻن تي وائِلن وڄائي پنهنجو ۽ پنهنجي گھر وارن جو گذر ڪري ڪري ٿو. هي قصو آهي ان شخص جو جنهن جي وائلن وڄائڻ واري ڏات سبب هو معاشري ۾ هڪ عزتدار شخص جي طور تي ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سندس ان ڏات جي هاڪ نه صرف ڏيهه، پر پرڏيهه ۾ پکڙيل هئي، جنهن سبب هو هڪ آسودي ۽ مثالي زندگي گذاري ٿو. هي قصو آهي سولمن نارٿَپ جو، جيڪو پنهنجي گھر وارن، دوستن ۽ پَرستارن جي اکين جو تارو هو. سندس تقدير جو چرخو ان ڏينهن کان اُبتو ڦرڻ شروع ڪري ٿو جنهن ڏينهن کيس واشنگٽن مان سٺن پئسن جي عيوض هڪ محفل ۾ پنهنجي ڏات جا جوهر ڏيکارڻ جي دعوت ملي ٿي ۽ هو خوشيء سان اها دعوت قبول ڪري ٿو. ان محفل ۾ به هو پنهنجو وائلن وڄائي ماڻهن کي موهيو ڇڏي. محفل پوري ٿيندي ئي کيس پنهنجي اُجرت ملي وڃي ٿي. رات جي وقت سولمن انهن ٻن شخصن سان گڏ جن کيس دعوت ڏني هئي پنهنجي ڪاميابيء جو جشن ملهائي ٿو ته کيس رات جي مانيء ۾ نشي آور دوا ڏئي گَهري ننڊ سمهاري کيس آفريڪي غلامن جي پِڙيء ۾ وڪرو ڪيو وڃي ٿو.  جڏهن سندس اک کُلي ٿي ته هو پاڻ کي هڪ تهه کاني ۾ هٿ ڪڙين سان ٻَڌل ڏسي رڙيون ڪرڻ شروع ڪري ڏئي ٿو، پر ان تهه خاني ۾ موجود هڪ ننڍڙي روشندان مان سندس رڙيون واشنگٽن اورانگھي نيو يارڪ سندس يارن دوستن، پَرستارن ۽ گھر وارن تائين پهچڻ ته ڇا پر ان علائقي جي حڪمرانن تائين به نه ٿي پهچي سگھيون جيڪي سندس فرياد ٻڌي کيس انصاف ڏياري سگھن ها. شام ڌاري ٻه گورا شخص تهه خاني ۾ داخل ٿين ٿا ۽ کيس اُگھاڙو ڪري چَهبُڪَ، لَتُن ۽ مُڪن سان ماري ماري اَڌَ مُئو ڪيو ڇڏين ۽ هي رڙيون ڪندو کانئن اهو پڇندو رهي ٿو ته منهنجو آخر ڏوهه ڪهڙو آهي. کيس اهو ٻُڌايو وڃي ٿو ته، ”تنهنجو ڏوهه اهو آهي ته تنهنجي چمڙيء جو رنگ ڪارو آهي. انڪري توکي اغوا ڪري آفريڪي غلامن جي پِڙيءَ ۾ وڪرو ڪيو ويو جتان اسان توکي خريد ڪيو آهي ۽ هاڻي اسين توکي اڳتي زميندارن ۽ واپارين وٽ سُٺن ڏوڪڙن عيوض وڪرو ڪنداسين. ڪاري چمڙيء وارا اسان اڇي چمڙيء وارن جي غلاميء لاء پئدا ٿيا آهن. تنهنڪري تنهنجو به مقدر صرف ۽ صرف غلامي آهي“. جيسيتائين هنن واپارين کي ڪو امير، زميندار خريدار ملي تيسيتائين هن سميت ٻين به ڪيترن ئي ڪاري چمڙيء وارن غلامن، جن ۾ عورتون ۽ ننڍڙا

slave5معصوم ٻار به هجن ٿا تن کي قيد رکيو وڃي ٿو. کين هڪ وقت جي ماني ۽ ٻه وقت چهبڪن، لتن ۽ مُڪن سان عَزيتون ڏنيون وڃن ٿيون. واپارين مطابق ته هنن جانور نما انسانن کي بُکون ۽ مار ڏئي اهڙو ته پَڪو ڪجي ته جيئين هي ڪنهن به سخت ڪم ۾ سُستي ۽ ڪاهليء جو شڪار نه ٿين ۽ خريدار اگهه به ڀلو لڳائي. جلد ئي هي واپاري هنن غلامن کي هڪ ٻئي وڏي واپاريء کي وڪرو ڪري ڇڏي ٿو، جتي هنن جي ٻولي لڳي ٿي ۽ سندن قسمت جو فيصلو ٿئي ٿو جيڪا اڳ ۾ ئي ميسارجي چڪي هئي. سولمن جي قسمت ۾ ڪاٺَ جي ڪاروبار جو هڪ وڏو واپاري مالڪ بڻجي ٿو. جيڪو سولمن سميت ٻه غلام خريد ڪري پنهنجي گھر پهچي ٿو. آهستي آهستي سولمن پنهنجي مالڪ جو خاص ۽ اعتبار وارو غلام بڻجي وڃي ٿو ۽ مالڪ مٿس مهربان رهي ٿو. ۽ ڪڏهن ڪڏهن سندن ڪنهن گھريلو محفل ۾ وائلن وڄائي مهمانن کي لطف اندوز به ڪندو رهي ٿو. ڳچ وقت ان مالڪ سان خوش گذارڻ کانپوء هڪ ڏينهن اچي سولمن جي ڦِٽي ٿي ۽ هو مالڪ جي غير موجودگيء ۾ ان جي بيهاريل اڇي چمڙيء واري چوڪيدار سان جھيڙو ڪري ويهي ٿو. ان جھيڙي جو ڪارڻ سولمن جو مالڪ سان ويجھڙائيء ۽ اعتبار حاصل ڪرڻ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ حسد هو.چوڪيدار سولمن کي ڪنهن نه ڪنهن ريت هن مالڪ کا الڳ ڪرڻ لاء رِٿون رِٿڻ لڳو. ۽ آخرڪار هو ان رٿ رٿڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو ۽ ڪاٺ جو واپاري کيس هڪ ڦُٽين جي واپاريء کي وڪرو ڪيو اچي. سولمن جو نئون مالڪ ڦٽين جو واپاري جنهن وٽ هن سميت ٻيا به ڪيترائي غلام موجود هوندا آهن کانئن ڦُٽيون چونڊرائڻ وارو ڪم وٺندو آهي ۽ ايترو ته ظالم ٿئي ٿو جو ڦٽيون چونڊڻ وقت ڪو ٿڪاوٽ سبب هڪ گھڙي به ٿڪيو يا ساهي پٽيائين ته مٿس چهبڪن جو زيپٽ شروع ٿي ٿيو. شام جي وقت هڪ هڪ غلام جي ڦٽين جو وزن ٿيو ٿي ۽ جنهن جون به ڦٽين جو وزن گھٽ ٿي ٿيو ته ان کي وڻ سان ٻڌي اُگھاڙو ڪري چهبڪن سان اچ ٿي ورتائون. انهن عقوبت خانن ۾ عذابن جي پيڙا ۾ پسندي سولمن ڪيترائي ڀيرا پنهنجي دوستن کي خط لکي پنهنجي حالت بابت آگاهه ڪرڻ ۽ آزاديء لاء واهر ڪرڻ جي لاء خط پڻ لکڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هر ڀيري ناڪام ٿَي ويو. نه وٽس ڪو قلم هو نه ڪو ڪاغذ ٽڪرو نه ئي ورaaي مَسُ جو هو خط لکي سگھي. سندن ته هڪ هڪ ساهَه تي پهرو هو. هڪ ڀيري هڪ اڇي چمڙيء وارو واڍو سندس مالڪ جي گھر ڪم سانگي آيو. اهو واڍو انتهائي نيڪ انسان هو. سولمن هڪ ڀيري وجھ وٺي پنهنجي سموري ڪهاڻي ان واڍي کي ٻُڌائي ۽ واهر ڪرڻ لاء وچن ورتو ته هو هي ڪم پورو ڪرڻ کانپوء سولمن جي دوستن ۽ گھر وارن کي سندس حالت بابت آگاهه ڪندو. واڍو وچن ڏئي روانو ٿي وڃي ٿو ۽ هڪ ڏينهن سندس دوست سندس واهر لاء وٽس پهچي وڃن ٿا ۽ کيس آزاد ڪرائي پنهنجي گھر وارن سان ملائن ٿا.

پر اتي اڃا ڪهاڻي ختم نه ٿي ٿئي. سولمن گھر پهچڻ ۽ ٻارن ٻچن سان ملڻ کانپوء کيس اغوا ڪرڻ وارن تي ڪَيس ڪري ٿو، پر بد قسمتيء سان هو هر ڀيري ڪيس هارايو وڃي ٿو. تنهن کانپوء هو ڪيترين ئي غلاميء مخالف تنظيمن سان پڻ ملي آواز اُٿاري ٿو. سولمن 1841 کان وٺي 1853 تائين گذاريل پنهنجي سورن ۽ پيڙائن جي ڪهاڻي تي ترتيب ڏنل هڪ ڪتاب 12 Years A Slave ڇپرائي ٿو، جنهن تي 2013 ۾ ان ئي نالي سان هڪ فلم به ٺاهي وئي. سندس آخري زندگيء ۽ موت بابت ڪا به ڳالهه واضح ناهي ته هو ڪيئن، ڪٿي ۽ ڪهڙين حالتن ۾ وفات ڪري ويو.
اها فلم ڏسڻ دوران فلم جو هڪ هڪ سِين عزيتناڪ هو. فلم ڏسڻ دوران واري اها تڪليف جيڪا مونکي محسوس ٿي، متان به ڪجھ پڙهڻ وارن کي منهنجي هن ليک پڙهندي ٿيندي هجي، پر جنهن کي به اها تڪليف محسوس نه ٿي ٿئي اهو بي حِس انسان چئبو.

اها فلم ڏسڻ کانپوء  ڏيڍ صدي اڳ جي انهن جاهلن ۽ اسانجي اڄ جي ذميندارن ۽ وڏيرن ۾ ڪو به فرق محسوس نه ٿو ٿئي. اڃا به اهو ٿو لڳي ته شايد سولمن صاحب اسانجي وڏيرن جي ظلم کان متاثر ٿي اهو ڪتاب لکيو هو. اڄ به ڪيترن ئي وڏيرن ۽ زميندارن جي ٻنين ۾ ڪيترائي غلام ائين ئي ڪم ڪندا رهن ٿا جيئن سولمن بيان ڪيو. اڄ به انهن غلامن سان جانورن جهڙو ئي ورتاء ڪيو وڃي ٿو. اڄ به کين عقوبت خانن ۾ قيد ڪري دردناڪ عزيتون ڏنيون وڃن ٿيون. اڄ به سندن اولاد کي تعليم جي زيور کان محروم رکيو وڃي ٿو. اڄ به سندن نياڻين سان زيادتيون ڪيون وڃن ٿيون. اڄ به اسانجي حڪمرانن جي اکين تي پٽي ۽ ڪنن ۾ ڪپهه آهي. ڏيڍ صدي اڳ وارا  اڇي رنگ جا انسان نما جانورَ جيڪي پاڻ کي سڀ کان اُتم سمجھندا هئا، اڄ انهن جا ظلم ڪاريء چمڙيء وارن مٿان ختم ٿي ويا ۽ هو انسان بڻجي ويا ايتري تائين جو مورڳو ئي ڪاري چمڙيء واري کي صدر بڻائي ڇڏيائون، پر اسان جيئن ازل کان هئاسين اڄ به ائين ئي آهيون. جنهن جو سڀ کان وڏو ڪارڻ اسانجي خاموشي ۽ بي حِسي آهي. پر اهو رنگ يا وري نسل جو عدم توازن صدين کان هلندو ٿو اچي، ۽ هر دور ۾ وري سولمن نارٿپ، نيلسن منڊيلا ۽ حيدر بخش جتوئيء جهڙا جوڌا پيدا ٿيندا رهيا آهن ۽ غلاميء جي طوقن کي ٽوڙيندا رهيا آهن. حيرت جي ڳالهه وري اها آهي ته سولمن نارٿپ تي به فلم ٺهي، نيلسن منڊيلا تي به هڪ فلم ٺهي، پر ڇا حيدر بخش جتوئيء جهڙو ڪامريڊ انهن ڪامريڊن کان گھٽ هو جو  اڄ تائين مٿس ڪا به فلم نه ٺهي سگھي؟ 1-1

اڳتي وڌڻ جا رستا اڃا بند ناهن ٿيا! ..عوامي آواز سنڊي ميگزين 15 نومبر 2015

اڳتي وڌڻ جا رستا اڃا بند ناهن ٿيا! ..عوامي آواز سنڊي ميگزين 15 نومبر 2015

دمام ۾ نوڪريء دوران ڪيترائي ڀيرا بحرين ملڪ گھمڻ جو خيال آيو. پروگرام به ٺهيو ٿَي، پر موڪلن جو ڪجھ اهڙو سلسلو رهيو جو بحرين گھمڻ جي ڪا واٽَ نظر نه ٿي آئي. bahrain mapحالانڪه دمام کان بحرين آهي به مُني ڪلاڪ جي پنڌ تي.روڊ ذريعي پنهنجي گاڏيء تي وڃڻ به آسان آهي ته  ٻه ٽي سو ريالَ اوٽ موٽ ڀاڙَي تي بَسون ۽ ٽيڪسيون به هلنديون آهن جيڪي چيڪ پوسٽ ۽ ويزا جي چڪرن کي ڪڍي ڪري اڌ ڪلاڪ ۾ بحرين پڄايو ڇڏين. سعودي عرب جي الڳ چيڪ پوسٽ آهي ته بحرين جي الڳ جتي وري ويزا به ان ئي وقت پاسپورٽ تي پنجاھ ريالن جي عيوض اسٽيمپ ڪيو ويندو آهي. سالياني موڪل تي گھر کان سواء ٻي ڪا واٽ نظر نه ايندي هئي، اها موڪل هئي به حج واري عيد تي، سو ان موڪل کي هٿان وڃائڻ بي وقوفي ٿَي لڳي. اسانکي ٻي موڪل رمضان واري عيد تي ملندي آهي جيڪا لڳ ڀڳ هفتي جي هوندي آهي. پر رمضان جا روزا سو به دمام ۾ مطلب سورهن، سترنهن ڪلاڪن جو روزو ٿي ٿيو، ٽيهن روزن رکڻ کانپوء ته هفتو آرام ڪرڻ ئي مناسب ٿي لڳو. ٻيو وري بحرين جهڙي بي باڪ ملڪ ۾ وڃجي سو به ٽيھ روزا رکڻ کانپوء، اهو ڪم مڙئي جوکم وارو ٿي لڳو. ڇاڪاڻ جو بحرين ملڪ ۾ وڃي ڪو پٽڙيء تان ٿِڙي ٿاٻرجي نه وڃي ان ڳالھ جي ڪا گارنٽي ئي ناهي، بالڪه بحرين ملڪ ماڻهو گھڻو ڪري ته وڃن ئي ٿِڙَڻ ٿاٻڙجڻ. مونکي اهڙو ڪو خاص شوق نه هو جنهن لاء دل بحرين وڃڻ لاء آتي بيٺي هئي، پرمونکي ڏسڻو هو ته ماڻهو ڪيئن ٿا ٿڙن ٿاٻرجن. سو اهڙو چڪر گھميو جو وڃي بحرين نڪتُس. نه ئي ڪو اهڙو پروگرام هو نه ئي وري ڪا تياري هئي، جيئن چوڻي آهي ته “آسمان سي گِرا کجور ۾ اَٽڪا”، سو مون سان به اها ئي ڪار ٿي. حج واري عيد تي منهنجي ٽڪيٽ هيڊ آفيس کان ئي ”گلف ايئر“ ذريعي وايا بحرين لڳي آئي. پر ان ۾ بحرين ايئرپورٽ تان هڪ ڪلاڪ جي ٽرانزٽ فلائٽ هئي. مطلب ته دمام کان بحرين ۽ ڪلاڪ جي انتظار کان پوء ٻي فلائٽ ۾ بحرين کان ڪراچي. ٿيو ائين جو دمام کان بحرين ته ٽائيم تي پُڄي وياسين، پر بحرين کان ڪراچيء واري اُڏامَ ۾ چوويهن ڪلاڪن جي ويرم اچي وئي. گلف ايئر وارن ته انجا ڪي ٻيا سبب ٿي ٻُڌايا پر جيڪا ڳالھ منهنجي ننڍڙي دماغ ۾ اٽڪي بيٺي هئي سا اها هئي ته هنن پنهنجون اُڏامون حج واري رُوٽَ تي لڳائي ڇڏيون هيون، پوء پئي ڪَيَن باقي مسافرن کي خُوار. ائين صرف گلف ايئر ۾ ئي ناهي ٿيندو پر حج واري عيد تي ٻين ايئر لائينز جا به پنهنجا ناز نخرا شروع ٿي ويندا آهن، جيڪي عام ڏينهن ۾ هڪ منٽ به ويرم نه ڪن سي اڌ اڌ مُنو مُنو ڪلاڪ يا وري ڪي ٻه ٽي ڏينهن مسافرن کي ويهاريو ڇڏين. سو گلف ايئر وارن جي ان ويرم ۾ گھٽ ۾ گھٽ مان ته ڏاڍو سَرَهو ٿيس، ڪيترائي سفر جا ساٿي پريشان به ٿيا، گوڙ گھمسان به ڪيائون پر ورين ڪجھ ڪِينَ. مون پئي کين آٿتون ڏنيون ته ابا سفر آ مڙئي خير آ، جيئن دير تيئن خير. منهنجي ته مفت ۾ الله ٻُڌي هئي. مٿان وري اهو ٻُڌي ڪپڙن ۾ نه ٿي ماپيُس ته گلف ايئر وارن اسانجي طعام ۽ قيام جو بندوبست به شهر جي هڪ ڀلي هوٽل ۾ ڪيو آهي. بس پوء ته الائي ڇا ڇا پئي گُھميو هن گُنهگار بندي جي ذهن ۾. قصو ڪوتاھ، اِميگريشن کان بحرين ملڪ جي چوويهن ڪلاڪن جي ويزا لڳي پوء هوٽل جي گاڏيء اسانکي وڃي “هوٽل دِيوا” جي گيٽ تي ڇڏيو جيڪا فور اسٽار هوٽل هئي. ايئر پورٽ کان هوٽل پهچندي پهچندي رات جو هِڪُ ٿَي ويو، پر پوء به رستن تي اهڙي روشني جو ڏينهن ٿي لڳو. هر پاسي سيڪيورٽي هاء الرٽ هئي، ڇاڪاڻ جو ڳچ وقت کان بحريني عوا۾ ۽ حڪومت جي وچ ۾ تڪرار پئي هليو. رستن ۽ گھرن جي بيهڪ ساڳي سعودي عرب واري هئي. بهرحال وڃي ڪمري ڀيڙا ٿياسين. ٿَڪ به ڏاڍو هو جو ايرپورٽ تي بيهاري بيهاري لاھَ ڪڍي ڇڏيا هئن، پر ڪمري ۾ پهچي سڀ ٿڪَ ئي لهي ويا. ڪمري جي فون تان گھر ڪال ڪري کين صورتحال بابت حال احوال ڏنم. منهنجو سنگتي جاويد شيخ خاص مونکي ايئرپورٽ تي وٺڻ لاء ڪراچي آيل هو تنهن کي به فون ڪري فلائيٽ ۾ چوويھ ڪلاڪ دير بابت آگاھ ڪيم.

سِيف مال

سِيف مال

گلف ايئر وارن جي پيڪيج ۾ ناشتو، منجھند جي ماني ۽ رات جي ماني هئي. تنهن کانپوء ٻه منٽ انٽرنيشل ڪال به فري هئي. هوٽل پهچڻ ساڻ ئي ريسيپشن تي اينٽري ڪرائي پهريائين کانئن رات جي مانيء جو پڇيم. جواب مليو ته هن وقت ٽي ٿيا آهن ۽ رات گذري وئي آهي، هاڻ اوهان ناشتي تي اچجو. اها ڳالھ ٻُڌي مون تي ته ڪو خاص اثر نه ٿيو جو پاڻ اڳي ئي بُکن جا پڪا هئاسين، پر مون وارو يار ظفر جيڪو منهنجي ئي پروجيڪٽ تي سرويئر هو ۽ سندس ٽڪيٽ مونسان گڏ ئي لڳي هئي سو ويچارو بک جو ڪچو هو سو وڃي پيٽ کي مُٺ ڏئي پنهنجي ڪمري ڀيڙو ٿيو. منهنجو سمهڻ جو ڪو پروگرام نه هو. چوويهن ڪلاڪن ۾ عربي/ فارسي نار تي 55 ڪلوميٽر ڊگھو ۽ 18 ڪلوميٽر ويڪرو ۽ 1,300,000 جي آباديء وارو ٻَيٽُ بحرين گھمڻو هو، ۽ ان بابت ٻُڌل هر شيء جو مشاهدو ڪرڻو هو. ياد رهي ته ان آدمشماري ۾ جيڪا جولاء 2013 ۾ ڪئي وئي هئي، تقريبن اڍائي لک خارجي آهن.

وقت به گھٽ هو سو ڪمري ۾ موجود هوٽل جي ڪيٽالاگ کي پڙهڻ شروع ڪيم. ڪيٽالاگ پڙهندي پڙهندي ائين ٿي لڳو ته متان هوٽل کان ٻاهر  نڪرڻ جي ضرورت ئي نه پوي، ڇاڪاڻ جو ضرورت جي هر شيء هوٽل ۾ موجود هئي. بهرحال ان وقت لڳو ٿي ته هاڻ بک کي ڌوڪو نه ڏئي سگھبو، سو روم سروس تي ڪال ڪري کانئن پُڇيم ته جي رنڌڻي ۾ ڪجھ هجي ته مونکي سڀاڻي واري رات جي ماني جي کاتي ۾هن وقت ڏئي ڇڏيو، سڀاڻي جا ڀاڳ سڀاڻي سان. چَيَن ٺيڪ آهي اوهان ڀلي ڇهين ماڙ تي ريسٽوران ۾ اچو ته توهانکي ماني ڏيون ٿا. مان به لفٽ ۾ وڃي ڇهين ماڙ تي پهتس. کاٻي پاسي هوٽل ته ساڄي پاسي وري ڊِسڪو بَار، جنهن مان انگريزي راڳَ جا گھوگھٽ ٿي آيا. سوچيم ڀلا مانيء کان اڳ ٿورو ايڏانهن به ليئو پائجي. اندر داخلا جا پنج بحريني دينار هئا. مون وٽ ان وقت سعودي ريال هئا، پر بحرين ۾ ريال ۽ سعودي ۾ بحريني دينار هجن ته بس مَٽائڻ جي ضرورت ئي ناهي. سو پنجن بحريني دينارن جا پنجاھ ريال ڏئي اندر جو ويس ته پريان ڪنڊ تي ڊِي.جَي صاحب جي ميوزڪ سسٽم تي وٺ پڪڙ لڳي پئي هئي، مونکان ۽ ڪائونٽر تي ويٺل همراھ کانسواء بار ۾ موجود ڪو به شخص هوش ۾ نه ٿي لڳو. غريب ۽ ڏتڙيل ملڪن کان آيل عورتن کي تَنَ تي ليڙون ليڙون ڪپڙا پهريل هئا. ڪپڙا به کڻي نه چئجن پر ائين کڻي چئجي ته مڙئي بس ڍَڪيل هيون. پوء الائي واقعي غريب مسڪين هيون يا گھران تڙ تڪڙ ۾ نڪرندي ڪپڙا پهرڻ وسري ويا هئن، يا وري لوڊ شيڊنگ سبب اونداھ جي ڪري ڪپڙا هٿ نه پئي آين پوء جيڪي ملين سو پائي اچي نِڪتيون.  دمام سعودي عرب  کان اڌ ڪلاڪ جي فاصلي تي بحرين ملڪ ۾ اهڙي ڪِرت ٻُڌي ته هئي پر هاڻ اکين سان ڏٺي به. پوء ته اها به ڳالھ سمجھ ۾ اچي وئي ته موڪل وارن ڏهاڙن تي بحرين ڏانهن ويندڙ رستي تي سعودي بارڊر وٽ سعودين جي ايڏي رش ڇو ٿي ٿئي. بار ۾ سعودين کي شباب ۽ ڪباب تي مست ڏسي سوچيم ته پنهنجي ملڪ ۾ ته هي صوم و صلات جا پابند هوندا آهن ۽ اُٿندي ويهندي پيا حديثون ٻڌائيندا آهن. هت اچي کين دين ايمان ئي وسريو وڃي. خير، بار مان نڪري ذهن ۾ پنجاھ ريال ٿي گھميا. ايتري ۾ ته سعوديء ۾ ٻن ٽن ڏينهن جا ويلا نڪري ويندا آهن. ماني کائيندي کائيندي صبح جا پنج وڄڻ لڳا. بس فجر جي اذان آئي ته مه خاني جون مستيون ۽ بي باڪيون به بند ٿيون. مان به ڪمري ۾ وڃي بيڊ تي ڪِريُس. صبح جو ستين وڳي اچي ظفر دروازو کڙڪايو. هن مولائيء کي اچي بک ڪَڪ ڪيو هو، رات به ماني نه کاڌي هئائين پر کيس اها به خبر نه هئي ته مون رات پئي هوٽل گھمي. سو کيس دروازي تان ئي ڇهين ماڙ تي ريسٽوران جو ڏَسُ ڏئي اچي سُتس ته وري ننڊ ڪانه آئي. پاسا ورائيندي ورائيندي ڏھ ٿي ويا. ناشتو ڪري هوٽل واري ڪيٽالاگ ۾ ڏيکاريل سوئمنگ پول ڏانهن هليو ويس جيڪو هوٽل جي ڇت تي ٺهيل هو. هوٽل جي ڇت کان بحرين جو نظارو به ڏسڻ وارو هو.

هوٽل جي ڇت کان بحرين جو نظارو

هوٽل جي ڇت کان بحرين جو نظارو

اُتان کان بحرين ورلڊ ٽريڊ سينٽر، بحرين فنانشل سينٽر، مسجد الفتح (دنيا جي وڏين مسجدن جي فهرست ۾ ليکي ويندڙ مسجد) ۽ تقريبن سموري بحرين جا مَنَ کي موهيندڙ نظارا ڏسي دل ٿي چيو ته بس هن وقت ئي نڪري سير سپاٽو ڪري اچجي. تنهن کانپوء سوچيم ته منجھند جي مانيء کان اڳ ظفر سان ملي بحرين گھمڻ جو ڪو پروگرام به ٺاهجي. من ئي من ۾ اهو خيال ڪندو ظفر جي ڪمري ڏانهن هليو ويس. ڇهين ماڙ تي منجھند جي مانيء لاء گڏ نڪتاسين. ماني کائيندي کائيندي گھمڻ جو پروگرام ۾ به طع ٿيو. منهنجو مشورو اهو هو ته ٻاهر نڪري ڪو اهڙو ٽيڪسيء وارو پڪڙجي جيڪو لوڪل بحريني نه هجي، ڇاڪاڻ جو هو اسانجي جي صحيح کَلَ لاهيندو. ائين اسين ٻاهر نڪتاسين ته هوٽل جي سامهون ئي هڪ بحريني ڊرائيور ٽيڪسي جھليو بيٺو هو. کيس عربيء ۾ چيم ته بحرين گھمڻو آهي. چيائين ڪيتري وقت لاء. پنهنجي فلائيٽ وارو ٽائيم ٽيبل ذهن ۾ رکي ڪري کيس ٻن، ٽن ڪلاڪن جو چئي کانئس ڪرايو پڇيم. همراھ ڪرايو به اهو ئي ٻڌايو جنهن جوکُٽڪو هو. ويھ بحريني دينار. معنى ٻه سئو سعودي ريال، معنى تقريبن ڇھ هزار پاڪستاني رپيا. سو ان ٽيڪسيء واري کي چيوسين ادا توهانکي اجازت آهي. اسين وري پنڌ ئي پنڌ ٿورو اڳتي نڪتاسين ته مَنَ ڪو بنگالي،پاڪستاني يا هندوستاني ڊرائيور ملي وڃي ته ڪلياڻ ٿي ويندو. ٿورو ئي اڳتي مَين روڊ کان ٿورو پاسيرو ٿي پئي ايندڙ ويندڙ ٽيڪسين ڏانهن ڏٺوسين. پر اسانکي ته اها خبر ئي ڪانه هئي ته بحرين ۾ ڪو به خارجي ٽيڪسي نه ٿو هلائي. بيهي بيهي اچي ٿڪاسين. ظفر همت هاري ويٺو ۽ وَرَڻ جو چيائين، پر مون چيو، ”نه، بحرين ته اڄ گھمڻو آهي سو به سَستي ۾.“ ايتري ۾ هڪ پرائيويٽ ڪار اچي اسانجي جي ڀر ۾ بيٺي. همراھ شيشو هيٺ ڪري اسان کان پڇيو ته ڪيڏانهن وڃڻو آهي. هُو ته اسانجو رنگ ڍنگ ڏسي سمجھي ويو هو ته هي ڪي خارجي آهن. پر اسانکي به جيڪوسندس بنگالي هجڻ جو گُمان ٿيو هو سو سندس ڳالهائڻ کانپوء يقين ۾ بدلجي ويو. کيس چيوسين ته گُھمڻو آهي ٻه کن ڪلاڪ، گھڻا وٺندي؟ چيائين اَٺَ بحريني دينار. اسان ته مَنَ ئي مَن ۾ ٻُڌي

هوٽل جي ڇت کان بحرين جو نظارو

هوٽل جي ڇت کان بحرين جو نظارو

سَرها ٿياسين پر پوء به پَڪائي ڪري پنجن دينارن جو چيومانس پر نه مڃيائين. بس پوء اسان به ويهي رهياسين گاڏيء ۾. اهو به نه سوچيوسين ته بحرين آهي، الائي ڪهڙي صورتحال هجي. موڪل تي وڃڻ سبب کيسا به ڀريل هئا. اهو اندازو به هو ته بحرين ۾ ڪرائم ريٽ پوء به سعوديء کان ته وڌيڪ ئي آهي. پر بحرين به گھمڻو هو سو به سَستي ۾ سو مڙئي جوکم کنيوسين. ڌڻيء جو نالو وٺي اڳتي وڌياسين. اسماعيل بنگاليء (ڊرائيور) کي زور ڀريوسين ته پهريان ڪجھ اهم جايون گھماء پوء جي ٽائم بچيو ته باقي به گھُمي وٺبو. سِجَ بيٺي جو فائدو وٺندي ڊرائيور اسانکي بحرين ملڪ جي گاديء واري هنڌ المناما جي علائقي جُفَير، جتي اسانجي هوٽل هئي، کان ڏکڻ طرف لڳ ڀڳ مُني ڪلاڪ جي پنڌ تي جبل الدُخان جي علائقي ۾ هڪ 400 سال پراڻو وڻُ ۽ انجي اوسي پاسي ۾ دريافت ٿيل قديم ڪوٽُ ڏيکارڻ لاء وٺي هليو. ان ماڳَ تائين پهچندي پهچندي اڌ کان وڌيڪ بحرين لتاڙي آياسين. هت پري پري تائين واريء جا دڙا ٿي نظر آيا ۽ ڪا آبادي به نه هئي، ۽ نه ئي ڪو پاڻيء جا ڪي آثار هئا. اسانجي بنگالي ڊرائيور اسماعيل جي زباني ته هي 4 صديون پراڻو وڻ جنهن کي ”شجرالحياه“، ”Tree of Life“ ڪوٺيو وڃي ٿو، هت ڪنهن معجزي سان سائو بيٺو آهي. ماڻهن چواڻي ته زيرِ زمين ڪو نه ڪو آبي چشمو ان وڻ جي پاڻيء جي کوٽ پوري ڪندو هوندو. پر جي ائين هجي ها ته رِڻَ ۾ ويجھو اوڏو ڪا به ساوَڪَ نظر نه ٿي آئي. اهو وڻ ڏسڻ کانپوء اسين پڻ اچرج ۾ پئجي وياسين ته واقعي ڊرائيور جي ڳالهه صحيح ثابت ٿي. اهو وڻ واقعي ڪنهن معجزي تحت صدين کان ائين سائو بيٺو آهي. مختلف ملڪن جا سياح پڻ اُتي اهو معجزو ڏسڻ لاء آيل هئا. ڀر ۾ وري هڪ قديم ڪوٽ جا کنڊر پڻ هئا. جيڪي ايترا پراڻا ته نه هئا، پر اهو گُمان پئي ٿيو ته ان وڻ کي ڏسي پاڻيء جي آسري ۾هت صديون اڳ ڪو نه ڪو قافلو رڪيو هوندو ۽ گھر اڏي ڪوٽ ڏئي رهائش اختيار ڪئي هوندائون، پر اڳتي هلي ان وڻ جي پراسراريت سبب هنن وري لڏ پلاڻ اختيار ڪئي هوندي.

اتان کان واپسيء تي بحرين جي قومي ميوزيم گھمڻ جو پروگرام رِٿيوسين. ميوزيم پهچندي رستي ۾ ڊرائيور ان ميوزيم جي بابت هڪ ٻي ڏندي آڱريون اچي وڃڻ واري ڳالهه ٻڌائي. هن جي مطابق ته

Tree of Life

Tree of Life

اهو ميوزيم بحرين جي 6000 سال پراڻي دِلمون سڀيتا جي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي جي سنڀال لاء ٺاهيو ويو، ۽ اچرج واري ڳالهه هن اها ڪئي ته بحريني حڪومت اتان جي ريگستان ۾ موجود 2800 قبل مسيح جي هڪ قديم تاريخي مئلن جي دڙي جا ڪجھ حصا پنهنجي اصل جاء تان جيئن جو تيئن ميوزيم ۾ منتقل ڪري رکيا آهن. ڊرائيور جي اها ڳالهه ٻُڌي ميوزيم گھمڻ جو اُتساهه وڌي ويو. ڪلاڪ کن ۾ ميوزيم پهچي وياسين. اتي جيڪي ٻُڌوسين تنهن کان وڌيڪ ڏٺوسين. ميوزيم ۾ سياحن جا ڳاهٽ هئا. قديم آثارن جي سار سنڀال ۽ سموري دنيا جي سياحن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ لاء ڪيل حڪومتي ڪوششن ۽ دلچسپيء جو اندازو ميوزيم تي ڪيل خرچ ۽ انتظامن مان آسانيء سان لڳائي سگھجي پيو. سمنڊ جي ڪناري تي ٺاهيل مَنَ کي موهيندڙ بحرين جي قومي ميوزيم جي عمارت ۾ موجود مختلف نمائشي حالن ۾ بحرين جي مختلف تاريخي ماڳن تان دريافت ڪيل قيمتي ڳَهَه، هٿ جي هُنُر جا مختلف نمونا جيڪي بحرين جي 6000 سال پراڻي تاريخ جو منظر پيش ڪن پيا. آرٽ حال ۾ وري مختلف بحريني ڪاريگرن جي  مجسمي سازيء جي مهارت سان بحرين ملڪ جي ثقافت، ريت رواج، رهڻي ڪهڻي ۽ گھرن جي بناوٽ کي پيش ڪيو ويو. Documents and Manuscripts hall  ۾ وري قرآن پاڪ جا قديم نُسخا ۽ ٻيون ڪيتريون ئي تاريخي لکڻيون پڻ موجود هيون.

ميوزيم گھمڻ کانپوء واپسيء تي رستي ۾ هڪ نهايت ئي وڏو ۽ شاندار خريداريء جو مرڪز (سِيف مال) نظر آيو. دير به ٿي چُڪي هئي، ٿَڪُ به جام هو، پر پوء به دل چيو ته ان مال ۾ به جھاتي پائي مختلف شين جي اگھن تي نظر وجھجي ته جيئن سعودي عرب ۽ هتان جي مارڪيٽ جي اگھن ۾ فرق جو اندازو لڳائي سگھجي. سِيف مال ۾ هر شيء جا اگھ سعودي عرب کان به ٻِيڻ تي هئا. سو ڪا به خريداري ڪرڻ مناسب ڪونه

سِيف مال

سِيف مال

Bharain Museum

Bharain Museum

سمجھيوسين. ڇاڪاڻ جو موڪل تي وڃڻ ڪري اڳ ۾ ئي سعوديء مان جام خريداري ڪئي هئي. باقي ڊرائيور جي مطابق ته اندرونِ شهر ڪجھ اهڙيون مارڪيٽون آهن، جيئن،سُوق مَناما ((Manama Market جتي اسان جهڙن ڪفايت شعار (زالُن جي نظرن ۾ ڪنجوس) ماڻهن کي شيون سهانگيون مليو وڃن. باقي حرام جو پئسو هجي ته لُٽائڻ لاء بحرين نهايت ئي موزون مُلڪ آهي. ڇاڪاڻ جو  ديوا هوٽل جي اندر وارو ماحول صرف ان هوٽل ۾ ئي محدود ناهي پر اهي عياشيون پوري بحرين ۾ عام جام آهن. جيڪڏهن دُبئي کي مِني يورپ جو خطاب مليل آهي ته بحرين کي مائڪرو يورپ چوڻ ۾ ڪو به وڌاء نه ٿيندو. بحرين ۾ جيڏانهن ڪيڏانهن اڏاوتي ڪم به عوج تي پئي نظر آيو. زميني ايراضي گھٽ هجڻ جي ڪري عمارتن جي اڏاوت لاء سمنڊ ۾ ريتيء جو ڀراءُ ڪري انکي باقي زمين جي سطح سان اهڙو ته هموار ڪيو ويو هو جو هرو ڀرو ڪنهن اها خبر ئي نه پوي ته هت ڪو سمنڊ هو.

ڏهين بجي رات اچي هوٽل واپس پهتاسين ته ٿَڪَ سبب بُتَ ۾ ساھ ڪو نه هو. ڏيڍ بجي فلائٽ هئي. ٻارهين بجي هوٽل جي گاڏيء کي اسانکي ايئرپورٽ پهچائڻو هو. سو ٿورو گھڻو چيلھ کي سنئون ڪري، وهنجي سهنجي گرائونڊ فلور تي موجود ڪائونٽر تي چيڪ آئوٽ ڪرائڻ لاء پهتاسين ته مينيجر 10 دينار جو بِلُ هٿ ۾ پڪڙايو، جنهن ۾ 5 دينار پاڪستان فون ڪرڻ جا ۽ 5 دينار انٽرنيٽ جي استعمال جا هئا، مينيجر مطابق ته فون تي ٻن منٽن کان وڌيڪ ڳالهايو ويو آهي ۽ انٽرنيٽ گلف ايئر جي کاتي ۾ نه آهي. بِل ڏيڻ کانپوء مونکي اهو ئي وَسوَسو رهيو ته انٽرنيٽ ۽ فون ايتري مهانگي ٿي نه ٿي سگھي، ان بِلَ ۾ شايد هوٽل ۾ ساھ کڻڻ لاء آڪسيجن جا پئسا به هئا. سو پنهنجو ته بحرين گھمڻ جو ڀاڳ لڳي ويو، باقي حلال جي ڪمائيء مان ته ڪير بحرين گھمڻ جو سوچي به نه ٿو سگھي.

قصو ڪوتاھ، وڃي ايئرپورٽ تي پهتاسين. انتظارگاھ ۾ ويٺي ويٺي بحرين جي ان سفري وارتا جي بابت لکڻ شروع ڪري ڏنم جيڪا اڄ پڙهندڙن جي لاء حاضر آهي.

Bharain Museum

Bharain Museum

 

Bharain Museum

Bharain Museum

 

Bharain Museum

Bharain Museum

 

Bharain Museum

Bharain Museum

 

هوٽل جي ڇت کان بحرين جو نظارو

هوٽل جي ڇت کان بحرين جو نظارو

 

بحرين جون بي باڪ شامون.عوامي آواز سنڊي ميگزين1.6.2014.

بحرين جون بي باڪ شامون.عوامي آواز سنڊي ميگزين1.6.2014.

هن ڀيري به ائين ئي ٿيو جيئن هميشھ کان ٿيندو ٿي آيو؛ پائولو ڪوئلهو جو هڪ ڪتاب پڙهڻ کان پوء سندس ٻئي ڪتاب جو انتظار. اهو ساڳيو انتظار جيڪو ننڍڙو ٻار پيء جي رانديڪي وٺي ڏيڻ واري واعدي کانپوء ڪندو آهي. سندس پوئين ڪتاب “الف – Aleph” جو انتظار به ائين ئي ڪيو هئم. “الف” ۾ پائولو ڪوئلهو پنهنجي وجود جي ڳولا (Self Discovery) لاء ڪيل دنيا جي ڊگھي ۾ ڊگھي ريل جي پٽڙيء (Trans-Siberian Railway) تي سفر دوران سفري وارتائن بابت پنهنجي ئي خاص انداز ۾ اهڙي ته نموني بيان ڪيو آهي جو پڙهڻ واري کي پيو لڳندو ته هو ڪو ساڻس گڏ هجي. “الف” پڙهي پورو ڪرڻ کانپوء نئين ڪتاب جي اچڻ تائين پاڻ کي پائولو ڪوئلهو جي دنيا ۾ غرق رکڻ لاء سندس ئي هڪ ڪتاب “ڪيمانگر – The Alchemist” جو سنڌيء ۾ ترجمو شروع ڪري ڏنم، جيڪو ڪن سببن جي ڪري ڇپجي ته نه سگھيو پر دل گھرين دوستن جي مدد سان ان جو مُفت اِي-بُڪ انٽرنيٽ تي موجود آهي. جيئن ئي اهو ترجمو پورو ٿيو ته خبر پئي ته سندس هڪ نئون ڪتاب “عڪرا مان مليل مُسَوِدو –  Manuscript found in Accra” اصل پُرتگالي ٻوليء ۾ مارڪيٽ ۾ اچي چڪو آهي. ٿوري آٿت ٿي ته بس اِجھو ئي ٿو ان جو انگريزي ۾ ترجمو ڇپجي. ان ڳالھ کي ڪجھ ئي مهينا گذريا ته ان ڪتاب جو انگريزي ۾ ترجمو، جيڪو “مارگريٽ جل ڪوسٽا – Margaret Jull Costa” ڪيو، آمريڪا ۽ يورپ جي ڪجھ ملڪن ۾ پڌرو ٿي ويو. اچي مَنَ ۾ مانڌاڻ مَتي ته بس ٻي گھڙي نه ٿئي ۽ اهو ڪتاب مون وٽ هجي. گھڻئي هٿ پير هنيم پر ڪتاب نه مليو، حالانڪه اميزن Amazon  تي ته دستياب هو پر شپمينٽ ڪتاب جي قيمت کان تقريبن پنجوڻ تي هئي.

عڪرا مان مليل مُسودو. عوامي آواز 09/03/2014

عڪرا مان مليل مُسودو. عوامي آواز 09/03/2014

آخرڪار، هارپر ڪولن وارن اهو ڪتاب برطانيه ۾ پڌرو ڪري ڇڏيو. برطانيه ۾ ڪو به ڪتاب هارپر وارا اڃا مَسَ رِليز ڪن ۽ انڊيا نه پهچي، ائين ٿي ئي نه ٿو سگھي. هفتي کن ۾ هي ڪتاب انڊيا به پهچي ويو، جتان وري “يُو رِيڊ ڊاٽ ڪام – uread.com” تان آنلائن آرڊر ڪيم. انڊيا کان شپمينٽ سستي ٿي پئي سو بس هفتي کن ۾ ڪتاب مون وٽ دمام اچي پهتو، بس پوء وڃي ڪا اندر جي باھ جھڪي ٿي.

حقيقت ۾ مصنف جي مهاڳ ۽ ڪتاب جي ٽائٽل مان اها ڳالھ واضح آهي ته هي ڪتاب مصنف جو پنهنجو لکيل ناهي. هي ڪتاب قبطيء (Copt – قديم مصري عيسائين کي Copts سڏيو وڃي ٿو. هن ڪتاب ۾ لفظ Copt هڪ شخص جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي، جنهن کي ڪتاب ۾ صرف هڪ تاريخدان ڪري ڄاڻايو ويو آهي، باقي Copt عقيدي ڏانهن سندس ڪو لاڙو نظر نه ٿو اچي، يا ڪنهن دور ۾ رهيو به هجي جنهنڪري شايد کيس Copt يا قبطيء جو نالو ڏنو ويو آهي.) جي خُطبي جي مُسَوِدي جو ڇاپو آهي جيڪو 1974ع ڌاري قديم آثارن جي ماهرَ سَر والٽر وِلڪنسن Sir Walter Wilkinson  مصر کان ڀر واري هڪ شهر عڪرا مان دريافت ڪيو هو. اهو مسودو اصل عربي، عبراني ۽ لاطيني ٻولين ۾ لکيل هو، جيڪو دنيا گُهمندو اچي پائولو ڪوئلهو جي هٿ لڳو. سَر والٽر ولڪنسن جي پُٽَ جي پائولو ڪوئلهو سان ياري دوستي هجڻ سبب هن ان مُسودي جو هڪ نسخو 2011ع ڌاري سندس حوالي ڪيو. پوء ظاهر آهي ته پائولو ڪوئلهو کي ان مسودي جي لفظ لفظ تي تحقيق ڪندي، ترجما ڪندي، ڇپرائڻ لاء اجازتناما ۽ قانوني ڪارروايون ڪندي ٻه کن سال لڳي ويا ۽ آخرڪار ڪتابي صورت ۾ 2013ع پهريان پُرتگالي زبان ۾ ۽ پوء انگريزيء ۾ شايع ٿيو.

ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيم. پهرئين ئي باب ۾ پڙهندي لڱ ڪانڊارجي ويا. اها پَڪَ ٿي ويم ته ان ڪتاب جو انتظار ۽ ڀڄ ڊُڪ اجائي نه هئي. “ڪيمانگر” جي ٽَڪَرَ جو ڪتاب مونکي هٿ لڳي ويو هو. بس پوء ته فيصلو ڪري ڇڏيم ته هي ڪتاب پڙهڻ سان گڏوگڏ سنڌيء ۾ ترجمو پڻ ڪبو هلبو.

خير سان ترجمو به شروع ٿيو. هر ورق کي پڙهندي ائين ٿي لڳو ڄڻ منهنجي دماغ ۽ روح تي جيڪا ورهين جي دَزُ چڙهيل هئي سان هاڻ صاف ٿيندي پئي وڃي. جيئن جيئن اڳتي وڌندو ٿي ويس تيئن ئي اهو گمان يقين ۾ بدلجندو ٿي ويو ته واقعي ڪٿي هي ڪتان “ڪيمانگر” جي جاء نه وٺي وڃي.

هن ڪتاب جو اصل جادو هي آهي ته، هر باب پڙهڻ دوران ائين لڳندو ته اها ڳالھ ته اساب بابت ٿي رهي آهي. ٽيويهن بابن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ ٽيويهن مختلف سماجي مسئلن جهڙوڪ؛ شڪست، ويڳاڻپ، خوف، خود اعتمادي، بي يقني، محبت، نفرت، ماضي، حال، مستقبل، خواهشون، اتحاد، نزاڪت، قسمت، معجزن ۽ ڳڻتين کي اهڙي دانائيء سان بيان ڪيو ويو آهي جو عقل دنگ رهجيو وڃي. مٿي بيان ڪيل اهي سڀ سماجي پهلو اسانجي جي روزمرھ جي زندگيء تي ڪڏهن ته منفي يا ڪڏهن وري مثبت انداز ۾ اثرانداز ٿيندا رهن ٿا. جن کي منهن ڏيڻ دوران انهن جي شدت سبب يا ته اسين سنئين راھ ڀُلجيو پئون يا وري همت هاري هر شيء کي جيئن جو تيئن ڇڏي ڏيندا آهيون. پر هن ڪتاب ۾ انهن سڀني پهلوئن سان گڏ زندگي گھارڻ جو اهڙو ته درس ڏنو ويو آهي جو پڙهڻ واري جا چارئي طبق روشن ٿيو پون. زندگيء ۾ پيش ايندڙ ننڍڙين ننڍڙين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ به هڪ فَنُ آهي. اهو فن انهن کي هٿ اچي ٿو جيڪي ان جا طلبگار آهن. ۽ اهو فن جيئن ته ڪتابن ۾ ڪو نه ملي تنهنڪري اسانکي ساڃھ وندن جي ڀر وٺڻ جي ضرورت پوندي آهي جيڪي اڄڪلھ ورلي ملن ٿا. پر هن ڪتاب ۾ هڪ اهڙي ساڃھ وند شخص جون سمجھاڻيون موجود آهن جنهن پنهنجي ساڃھ کي اڳتي پهچائڻ پنهنجو فرض سمجھيو. پوء ڪير ان مان سبق پرائي ٿو يا نه اهو سندس نصيب آهي. جيئن آءٌ هميشھ اهو چوندو آهيان ته “پڙهڻ وارا ته جام آهن پر سمجھڻ وارو ڪو ڪو آهي.”

”پائلو ڪوئلهو جو شاهڪار ناول ”عڪرا مان مليل مسودو“ سنڌيڪار: فهيم اختر ميمڻ پڌرو ٿي ويو آهي، سنڌ جي سمورن ڪتاب گهرن تي موجود يا گهرائڻ لاءِ لکو نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ، ڪراچي موبائل نمبر: 03332311582

”پائلو ڪوئلهو جو شاهڪار ناول
”عڪرا مان مليل مسودو“
سنڌيڪار: فهيم اختر ميمڻ
پڌرو ٿي ويو آهي، سنڌ جي سمورن ڪتاب گهرن تي موجود يا گهرائڻ لاءِ لکو
نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ، ڪراچي
موبائل نمبر: 03332311582

آخر ۾ هڪ ڳالھ واضح ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان ته، ڪجھ پڙهندڙن کي هي ڪتاب پڙهندي شايد اهو وهم ٿي پوي ته هي ڪتاب ته قبطيء جي پنهنجي عقيدن تي مشتمل آهي ۽ ڪٿي انکي پرهڻ سان اسانجي عقيدي کي ڪو ڇيهو نه رَسي. پر حقيقت ۾ ائين ناهي، هن ڪتاب جو مذهب يا عقيدي سان ڪو تعلق ئي ناهي. جيئن ڪتاب جي پهرئين ئي باب ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته، قبطيء جي ان خُطبي کي ٽنهي وڏن مذهبن جا عالم به دل وجان سان ٻُڌي رهيا هئا ۽ قبطيء پاڻ اها ڳالھ ڪئي آهي ته هو ان علم بابت ڳالهائي رهيو آهي جيڪو ڪتابن ۾ نه پر ساڃھ وندن جي دلين ۾ موجود آهي. جيئن هن ڪتاب ۾ هڪ جاء تي اهو لکيل آهي ته،“ اهو علم زندگيء ۽ موت جي حقيقت بابت نه پر روز مرھ جي مامرن ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڪري ٿو. هي علم اهو ناهي جيڪو اسين ڪتابن مان پرائيندا آهيون، جنهن جو مقصد صرف حال ۽ مستقبل ۾ ٿيڻين ۽ اڻ ٿيڻين تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ آهي، پر هي علم اهو آهي جيڪو ساڃھ وندن جي دلين ۾ موجود هوندو آهي.”

تنهنڪري ڪتاب ۾ موجود قبطيء جي خطبي مان اها ڳالھ واضح آهي ته، ڀلي سندس مذهب ڪهڙو به هو، هو جنهن جي به عبادت ڪندو هو، پر سندس ڳالهين مان مذهب نه پر قديم يوناني سُگھڙائپَ نظر اچي ٿي.

دل اَڙجي وئي دمام سان! ڀاڱو ٽيون

عوامي آواز جي ٿورن سان سعودي عرب جي اُڀراندي علائقي جي گاديء واري هنڌ دمام ۽ ان جي پسگردائيء ۾ ننڍن وڏن شهرن ۽ تفريحي ماڳن جي سفر کي جاري رکندي هن ليک ۾ القطيف، تارُوت ٻيٽُ، سعودين جي خارجين سان رَوَيَن ۽ ڪجھ عربي طعامن بابت حال احوال اوربو. تنهن کانپوء ڳچ پڙهندڙن ۽ دوستن جي دمام پهچڻ جي طريقيڪار بابت پُڇيل سوالن جي جواب ۾ سندن رهنمائيء لاء سڄو طريقڪار بيان ڪبو.

القطيف: دمام کان اُتر- اوڀر ۾ تقريبن ٽِيھن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي القطيف جو شهر آهي. تواريخي لحاظ کان هي شهر سعودي عرب جو سڀ کان قديم شهر آهي. آرڪيالوجي جي ماهرن مطابق هي شهر پنج هزار قبل مسيح کان آباد آهي. جيئن ته القطيف “قطف” لفظ مان نڪتل آهي جنهن جي معنى آهي “ميوا يا ڀاڄيون پَٽَڻ يا چونڊڻ يا گڏ ڪرڻ”، انڪري نالي مان ئي ظاهر ٿيو ته هي ٽڪرو زرخيز هجڻ جي ڪري هت پوکي پڻ ٿئي ٿي. عربي / فارسي نار جي ڇيڙي تي هجڻ ڪري ۽ قيمتي پٿرن ۽ کجيء جي وڻن سان مالامال هجڻ سبب هي شهر هزارين سالن کان مسافرن جي آرامگاھ رهيوآهي. تاريخ جو ڳچ حصو هي شهر موجوده بحرين ملڪ جي گاديء جو هنڌ پڻ رهيو آهي. بادشاھ نِبُوخَذنِصَّر جي حڪمرانيء کان وٺي عثماني سلطنت جي حڪمرانيء تائين القطيف تي ڪيترن ئي بادشاهن جون ڪاهون ٿينديون آيون آهن. سڪندر يونانيء جي فارسي سلطنت تي ڪاھ کانپوء هي علائقو ڪجھ وقت لاء سندس حڪمرانيء هيٺ رهيو. سڪندر يوناني جي حڪمرانيء واري دور ۾ تڏهوڪي الجَرها ۽ هاڻوڪي القطيف ايتري ترقي ڪئي جو انکي دنيا جو امير ترين شهر سمجھيو ويندو هو. تاريخي ڪتابن جي مطالعي مان اها به ڳالھ ظاهر ٿي آهي ته ان وقت ۾ ماڻهو ايترا ته سکيا ستابا هئا جو پنهنجي گھرن جي ڀِتين، اڱڻن، درن ۽ درين کي سون، چانديء ۽ قيمتي پٿرن سان سينگاريندا هئا.dil arji3

القطيف گھمندي ڦرندي ڪيترا ئي تاريخي ماڳ نظر ايندا، جن کي هتان جي موجوده حڪومت سياحن لاء محفوظ رکيو آهي. هن علائقي جا رهاڪو باقي سعودي عرب جي رهاڪن کان وري وڌيڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ روشن خيال آهن. ان ڳالھ جو ڀرپور فائدو وٺندي القطيف جي هڪ بزرگ رهاڪو سان ڳالھ ٻولھ ٿي جنهن ۾ هن القطيف جي هڪ تاريخي ماڳ “ قرامطين جي قبلي”  بابت معلومات ڏني. ان ماڳ کان اسان اڄ تائين اڻڄاڻ هئاسين. هُن مطابق ته 317 هجري دوران القطيف ۾ قرامطين (اسماعيلي شيعا) جي حڪومت دوران هنن ڪعبة الله شريف تي حملو ڪري ڪيترائي حاجي زخمي ڪري حجرِ اسود چورائي اچي القطيف ۾ هڪ ڪوٽُ اڏي ان ۾ رکيو هو ۽ اُتي ئي انجي عبادت ڪندا هئا.  قرامطين جي ان عمل تي فاطمي جيڪي اڳ ۾ هنن جا اتحادي هئا سي سندن مخالف ٿي پيا. پر تنهن کانپوء عباسي خلافت انجي رد عمل ۾ قرامتين سان ڳالهين ذريعي حجر اسود واپس وٺڻ جا وَسَ ڪيا پر پوء به پٿر واپس نه ٿيو. قرامطين جي حڪمران سليمان جي موت کان پوء وري سندس ڀاء احمد القطيف جي واڳ سنڀالڻ کانپوء 339 هجريء ۾ حجرِ اَسود واپس ڪيو.                            چاچَي پوڙهي جا حال احوال ٻُڌي سندس تواريخ سان لڳاء بابت به اندازو ٿي ويو، ۽ سندس انگريزي به ڀلي هئي، جنهن جو سبب اهو هو ته پنهنجي تقريبن اڌ عمر هن آرامڪو ۾ نوڪري ڪئي هئي. چاچي کان ان ماڳ جو ڏَسُ پَتَو پُڇي اسان به ان تاريخي ماڳَ پَسَڻَ لاء روانا ٿياسين.

مَڇيء جي شوقينن لاء القطيف ۾ هڪ تمام وڏي مڇي مارڪيٽ آهي. هن مڇي مارڪيٽ مان تقريبن پوري ملڪ ۾ مڇي موڪلي وڃي ٿي.  وڌ ۾ وڌ ذائقي واري مڇي هت “هامُور” جي نالي سان مشهور آهي جيڪا ٻين مڇين کان مهانگي پڻ ٿئي ٿي. مڇيء جي ٻين قسمن ۾ الشهري، گُرگُفام، پامفريٽ، تِلاپِيا، تُونا، جھينگا (الرُبيان)، شيل فِش، ڪِريب، لوبسٽر ۽ ٻيو به ڪيترن ئي قسمن جو سِي فُوڊ هت آسانيء سان مليو وڃي. مڇي مارڪيٽ جي ٻاهران وري هوٽل نما دُڪان ٺهيل آهن جيڪي وري تازي مڇي ڪيترن ئي نمونن سان ڇھ کان ڏھ ريال ڪلو ۾ ٺاهي ڏين. مطلب ته مارڪيٽ مان تازي مڇي وٺو ۽ اُتي جو اُتي ٺهرائي نوشُجانُ ڪيو.

القطيف کان ئي هڪ پُل القطيف کي تارُوت جي ٻيٽ سان ڳنڍي ٿي. سَتَر چورس ڪلوميٽرن جي ايراَضيء جي تاروت ٻيٽ تي به موئن جي دڙي جيان هٿ آيل هڪ تاريخي ماڳُ “تل رافيه” “رافيه جو دڙو”  1993ع ڌاري دريافت ڪيو ويو. رافيه جي دڙي مان هزارين سال قديم ٿانوَ، قيمتي پٿرن سان جَڙيل ڳَھَ ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي قيمتي شيون هٿ آيون آهن جن مان ڪجھ ته دمام ميوزيم ۾ ۽ ڪجھ وري رياض ميوزيم ۾ سانڍيل آهن . 5000 قبل مسيح جيتري پراڻي هن ٻيٽ تي ڪيتريون ئي نسلون آباد ٿيون، جن مان دِلمُون، اَڪادين، قديم آشور جا رهاڪو جن کي آشوري يا اَسَائرِيَن سڏجي ٿو، فارسي ۽ پُرتگالي شامل هئا. تاروت ٻيٽ تي گھمڻ دوران هڪ ته اهو اندازو ٿيو ته ننڍو ٻيٽ هجڻ ڪري هت آبادي ايتري نه آهي پر جيڪي به ڪُٽنب هت آباد آهن سي انتهائي پڙهيا لکيا ۽ با شعور ٿي لڳا، جن جا وڏا بنيادي طور تي مُهاڻا هئا. ٻيٽ جي چوگرد ڪوسٽ گارڊن جي اهڙي سخت چوڪي جو شل پکي به ڪو بغير اجازت جي پَرُ هڻندو هجي. ان جو ڪارڻ اهو هو جو القطيف سميت هن ٻيٽ جي چوڌاري هڪ ته تيل جا جامَ ذخيرا آهن ۽ ٻيو ته عربي/ فارسي نارَ کان پنجويھ کان ٽيھ نَاٽِيڪل ميلَ پَريان وري ايران جو ملڪ آهي.

سعودين جو خارجين سان ورتاء:

خارجي جيڪڏهن بنگالي آهي ۽ ڪنهن سعودي جي وَر چڙهي ويو ته گيسيون ڪرائيندس. بنگالين جا ڪَمَ به ڪجھ اهڙا آهن سو ويچارن جي ايتري عزت ناهي. سعودي عرب ۾ بنگالي سنڌين وانگي هڪ ڪميونٽي ۾ رهن ٿا. اوکيء سوکيء ۾ گڏ. جھيڙو هجي يا ڪو مسئلو سڀ بنگالي گڏ ٿي ويندا آهن. اهڙن ڪجھ جھيڙن ۾ سعودين جا مٿا ڦاڙڻ کانپوء بنگالي هاڻ ويٺا ڊڄندا وتن. پنهنجي سعودي عرب جي ڪيريئر ۾ انجنيئرنگ جي ميدان ۾ مونکي اڄ تائين ڪو بنگالي نه مليو. باقي بنگالي ڊاڪٽرَ پنهنجي ميدان ۾ ملهائن پيا.

پاڪستانين جي وري به ٿوري گھڻي عزت آهي. ڪهڙي به شعبي جي ڪمپني هجي، يا مزدوريء کان وٺي پنهنجو ذاتي ڪاروبار جهڙوڪ؛ آٽو مڪينڪ، اليڪٽريشن، هوٽل جو ڪاروبار وغيره هجي اُتي پاڪستاني ته ضرور ملي ويندو. هاڻ معذرت سان هڪ ڳالھ عرض ڪبي هلجي ته ڳالھ ٿي پاڪستانين جي، پر انهن ۾ اسانجا سنڌي سٻاجھڙا ڪنهن مزدوريء جي ڪمَ يا آٽو مڪينڪ، يا اِليڪٽريشن يا ڪنهن ٻئي ذاتي ڪاروبار ۾ اڄ تائين نه مليا. هاڻ ان ڳالھ کي خوش نصيبي چئجي ته سنڌي قوم ڪا ايڏي سُکي سَتابي قوم آهي جو انهن کي مزدوري ڪرڻ جي ضرورت ئي نه ٿي پوي. يا ان ڳالھ کي بد نصيبي چئجي ته اسانکا ڪو ڏکيو ڪم ٿيندو ئي ڪونه آهي يا وري اسانکي کپي وائٽ ڪالَرَ واري نوڪري. اهو فيصلو ڇڏيون ٿا پڙهڻ وارن تي. هندستانين سان به سعودين جو تقريبن ساڳو پاڪستانين وارو ورتاءُ آهي. باقي جي ڪنهن سعوديء کي رستي ۾ يا ڪنهن شاپنگ سينٽر ۾ ڪٿي به ڪو اڇي چمڙي وارو (يورپين) ملي ويو ته  پوء ويهي ڏسو سعودين جا مَزا. سَتَن پوتين ۾ ويڙهيل زال سميت ٻارن ٻچن کي ان سان تعرف ڪرائڻ ۾ جُٽي ويندا. هڪ ته عربن کي انگريزي ڳالهائڻ جو اڳيئي گھڻو شوق، وري مٿان جي ڪو انگريز يا ڪو اڇي چمڙيء وارو ملي وڃين ته سندس آڏو پاڻ وڇائي ڇڏيندا آهن.

عربي طعامَ(Mediterranean cuisine):

شروعات ۾ ته بغير مرچ مصالحن جي ڦِڪا ۽ سُڪا تيلَ ۾ ٻُڏَلَ کاڌا پاڻ کي وڻيا ئي ڪونه ٿي. هاڻ ته وري پنهنجي گھرَ جي ماني ڪونه وڻي. صبح ساجھُر هوٽلُن تي ۽ ننڍن ننڍن بُوفيَن تي ماڻهن جو ميڙ ڏسي اهو محسوس پيو ٿيندو آهي ته سندن مايون سندن وانگي هڏ حرام ناشتو ٺاهين ئي ڪو نه. سعودين جو پسنديده ناشتو وري عَدَس (دال)، افغاني فُولُ (لوبيا / مختلف قسمن جي مَٽَرَن جون ڦَريُون)، فِلافِل (چَڻَن جا ڪبابَ) سينڊ وِچ ۽ شَڪشُوڪه (بيضن جي ڀاڄي) آهي. پنهنجي عادت اهڙي ٿي پئي جو روز نه ته موڪل واري ڏينهن ناشتي ۾ فُول کانسواء مزو ئي نه اچي. منجھند جي مانيء ۾ هت وري چانوَرَ لازمي آهن. چانورن وارو جيڪو عربي طعام آهي سو ڪبسه سڏجي ٿو، پوء اهو يا ته وڏي گوشت ۾ ٿئي يا وري مرغيء ۾ ٿئي ٿو. روايتي کاڌن کي ڇڏي عربن جو اڄڪلھ گھڻو لاڙو فاسٽ فوڊ ڏانهن ٿي پيو آهي. پر حقيقت ۾ سندن روايتي طعام انتهائي لذيذ ٿين ٿا. جيئن حريث. ڪڻڪ ۽ ٻاڪري گوشت مان ٺهيل حريث ائين آهي جيئن اسان وٽ حليم. پر حريث رُڳي لوڻ ئي ڪاري مرچ ۾ ٺاهيو وڃي ٿو. مِٺائين ۾ وري لبناني ۽ مصري مٺايون پنهنجو مَٽُ پاڻ آهن پر مِٺي جو هڪ طعام جيڪو اسانجي دل کڻي ويو سو آهي “معصوب”. هي اصل ۾ يمني ڊش آهي پر هت عام جام آهي. قِيمي واري مشين ۾ ماني ، ڪيلا ۽ کجي وجھڻ کانپوء ان مرڪب ۾ ڪريم، چِيز ۽ ماکي وجھي معصوب تيار ڪيو وڃي ٿو ۽ نهايت ئي لذيذ ٿئي ٿو. هت پاڪستاني، هندوستاني ۽ بنگالي هوٽلون به عام جام آهن جتي وري جيڪڏهن بورچي ڀلا مليو وڃن ته پوء جَهِڙو گھر جي ماني پيا کائو.

ڪراچيء کان دمام:

مغربي توڙي باقي عرب ملڪن جيان سعودي عرب ۾ حج يا عمري کانسواء ٻيا سياحتي ويزا جاري ڪونه ٿين. سو سعودي عرب جي سياحت واري انڊسٽري کي هٿي وٺرائڻ وارن اُپائن مان هي هڪ منفي پهلو آهي. ان بابت ڳچ تحقيق ڪئي پر ان جو ڪو مناسب ڪارڻ سمجھ ۾ نه آيو، نه ئي ان ڳالھ جو ڪارڻ ڪنهن سرڪاري ويب سائيٽ تي ڄاڻايل آهي نه وري ان ڳالھ کي لوڪل ميڊيا اُڀاريو آهي. ها باقي سعودي عرب ۾ ڪنهن ڪمپنيء ۾ نوڪري لڳڻ کانپوء حاصل ڪيل ويزا، ڊپلوميٽڪ ويزا، حج عمري جو ويزا، تعليمي وظيفي جي تحت حاصل ڪيل ويزا يا ڪاروباري ويزا جي ذريعي ئي داخل ٿي سگھجي ٿو. ڪنهن عرب سڳوري جي ڪفالت وٺڻ (جنهن کي آزاد ويزا به چئبو آهي) تي اڄڪلھ حڪومت جي وٺ پڪڙ آهي. آزاد ويزا واري چڪر ۾ ٿيندو ائين هو ته ڪنهن عرب سڳوري پنهنجي ڪا ڪمپني گورنمينٽ سان رجسٽر ڪرائڻ کانپوء پاڻ کي ويزا ڏيڻ جو اهل ڪري، پاڪستان توڙي ٻين پوئتي پيل ملڪن مان سستا مزدور گھرائي کين اڳتي ٻين ڪمپنين ۾ موڪليندو هو، مزدور ويچاري جي ڪمپنيء کان ملندڙ اُجرت جو اَڌُ به پاڻ کڻندو هو ۽ مزدور جي پگھار مان به سَو ٻه سَو ريالن جي ٽُڪَ ڪندو هو. سو هاڻ گورنمينٽ وري اهڙن ويزن تي پابندي هڻي ڇڏي آهي ته جنهن به ڪفيل(ويزا ڏيڻ وارو سعودي) جو ويزا آهي ڪم به ان وٽ ئي ڪرڻو آهي. اهڙن خارجين جي مدد لاء وري سعودي حڪومت آسان طريقيڪار رکيا آهن ته پنهنجي ان ڪفيل کان اين.او.سي وٺي پنهنجو ويزا ان ڪمپنيء جي نالي تي منتقل ڪرايو جنهن وٽ اوهان ڪم ڪري رهيا آهيو، ٻي صورت ۾ دائمي ملڪ نيڪاليء جي پڻ ڌمڪي ڏني وئي آهي. ڪنهن کي نوڪري ڪرڻي آهي، پڙهڻو آهي، ڪو ڪاروبار ڪرڻو آهي يا وري ڪو هرو ڀرو واندو آهي ۽ کيس سعودي عرب يا وري خاص ڪري دمام گھمڻ جو شوق اٿس ته پوء ڪراچي ته پوري ريڪروٽنگ ڪمپنين سان ڀري پئي آهي. لک ٻن ۾ ڪنهن ڪمپنيء جو ويزا هڻايو ۽ سال کن ڪم به ڪيو ۽ گھمو ڦرو به، يا وري سعودي عرب جي يونيورسٽين ۾ داخلا لاء وظيفا به ايندا رهن ٿا، جن جا اشتهار وري وقت سِر مختلف اخبارن ۾ ۽ نيٽ وغيره تي پڻ ايندا رهن ٿا. يا ڪاروباري ويزا Business Visa  هڻائي به آسانيء سان گھمي ڦري سگھجي ٿو. پر ان ويزا لاء ڪروڙ پتي هجڻ ضروري آهي. ها باقي عمري ۽ حج واري ويزا لاء اوهان صرف ۽ صرف جده، مڪو ۽ مدينو پاڪ ئي گھمي سگھو ٿا. جي اُتان شارٽ ڪٽ ڪڍي ڪو ٻيو شهر گھمڻ ڦرڻ لاء نڪتئو ۽ پڪڙجي پيئو ته پوء سڌو جيل ۾. ۽ هاڻ اُهو قانون به ختم ٿي ويو ته ڀاڄوڙن کي عزت ۽ احترام سان پنهنجي ملڪ ڊيپوٽ ڪيو ويندو هو. هاڻ انهن کي پڪڙي مهينو انهن جي بهترين خدمت ڪئي ويندي آهي. جيل واري ان ڪمري ۾ جنهن ۾ ڀاڄوڪڙن کي رکيو وڃي ٿو ان ۾ پاڻي ڇڏيو ويندو آهي ته جيئن سائين جن اُتي ئي وِنهنجي سِنهنجي، تيل ڦُليل ڪري تيار به ٿين ۽ وقت سر سوئمنگ پول جا مزا به وٺن. سو ٻيلي اهو ڪم ڪجو پنهنجي ذميواريء تي متان سُڀاڻي پٽون پاراتا ملن ته ليک ۾ ته اهو اسانکي ڪونه ٻڌايو ويو هو. اهي ته هئا هت پهچڻ جا شارٽ ڪٽ رستا ۽ انهن ۾ پيش ايندڙ پريشانيون، هاڻ اوهانکي ٻُڌائبو هت پهچڻ جو سڌو سنئون طريقيڪار.

راڻي پور کان ڊيرا الهيار بلوچستان، تنهن کانپوء نوابشاھ  تائين مختلف ڪمپنين ۾ نوڪريون ڪندو ڪراچي اچي هنڌ ڪيم. ٻڌندا پئي آيا سين ته ڪراچي آخري اسٽاپ آهي. ڪراچيء کانپوء جو سفر وري گھڻو اڳتي وٺيو وڃي. سو مون سان به اهو ئي ٿيو. سال کن ڪراچيء ۾ نوڪري ڪئي، لياري ايڪسپريس وَي کي تقريبن تيار ڪيوسين. ان دوران ئي خبر پئي ته هاڻ ڪمپنيء مان ماڻهو ڪڍن پيا. سو مون سوچيو ته ان کان پهرين جو مون کي ڪو اهڙو ليٽر ملي مان پاڻ ئي ٿو ڀڄڻ واري ڪيان. سو ٻاهرين ڪمپنين ۾ اپلاء ڪرڻ شروع ڪيم. ائين اِٽليء جي هڪ ڪنسلٽنگ ڪمپنيء ۾ منهنجو ويزا لڳي ويو. ويزا جو طريقيڪار اهو هوندو آهي ته پهريان ته پنهنجي ڪواليفڪيشن مطابق اخبارن وغيره ۾ اشتهار ڳولهبا آهن. اهي اشتهار ڪڏهن ته سڌا سنوان انهن ڪمپنين جي طرف کان هوندا آهن ۽ ڪڏهن وري پاڪستان ۾ موجود سندن ريڪروٽنگ ايجنٽن طرفان هوندا آهن. سندن ضرورت مطابق پنهنجيون عربيء ۾ ترجمو ٿيل تعلمي سَنَدون سعودي ايمبيسيء ۽ سعودي ڪلچرل سينٽر مان تصديق ڪرائي، سِي.وِي، پاسپورٽ جي ڪاپي ۽ نادرا وارو اووَرسِيز پاڪستانين وارو ڪارڊ NICOP ساڻ ڪيو کين موڪلبا آهن. تنهن کانپوء جيڪڏهن ڪمپنيء ۽ توهان جي وچ ۾ ايجنٽ جو هٿ آهي ته هو پنهنجو خرچ پاڻي به ضرور ڪڍندو آهي، جيڪو لکن ۾ ٿئي ٿو، جنهن کان بچڻ ممڪن ته ناهي پر ٿوري گھڻي مٿي ماري کانپوء ڪجھ رعايت به ڪندا آهن. ڪجھ وڏين ڪمپنين جا ايجنٽ وري هڪ پائِي به نه وٺن. باقي گورنمينٽ جي ته پنهنجي به فِي آهي جيڪا ايتري گھڻي ناهي. هڪڙا وري نقلي ايجنٽ به مارڪيٽ ۾ دڪان کوليوويٺا آهن جيڪي غريب اٻوجھ ماڻهن کي ڦُريو گُم ٿيو وڃن. پر انهن جي اصلي هجڻ جي تصديق جو هڪ آسان طريقو آهي. جيڪڏهن ڪو اصلي ايجنٽ آهي ۽ هو مارڪيٽ ۾ سالن کان ڪم ڪري رهيو آهي ته سندس ويب سائيٽ ضرور هوندي. بس ان ايجنٽ جي ويب سائيٽ تي ٿوري گھڻي نظر ڦيرائڻي آهي، جنهن ۾ سندن ڪم ڪار جو طريقيڪار ۽ سندن ايجنسي جي پوري معلومات موجود هجڻ ئي سندن اصلي هجڻ جا ثبوت آهن. هڪ ٻي آسان نشاني اها آهي ته اصلي ۽ پراڻا ايجنٽ گھٽ پئسا وٺندا آهن، ڇاڪاڻ جو کين ڪمپنيء جي طرف کان به ڪميشن مليو پوي. ان سموري طريقيڪار کانپوء ڪمپني جا نمائندا ان ئي ايجنسيء ۾ موڪليا ويندا آهن جيڪي انٽرويو ذريعي ڇانٽي ڪندا آهن. بس پوء ويزا جو انتظار. ويزا لڳرائڻ کان وٺي ٽڪيٽ ڪرائڻ تائين سڄو انتظام ايجنسي ئي ڪندي آهي. دمام جا حال احوال کُٽڻ جهڙا ته ناهن. پر هت ئي قصو ڪوتاھ ڪري ايندڙ ليک ۾ الخبر کان اڌ ڪلاڪ جي فاصلي تي سعودي عرب جي پاڙيسري بحرين ملڪ جي سيرَ سَپاٽي بابت پنهنجا تجربا ۽ ۾مشاهدا اوربا.

فهيم اختر ميمڻ

دمام سعودي عرب

عوامي آواز لنڪ