Archive for the ‘سفرناما-Travelogue’ Category

دمام ۾ نوڪريء دوران ڪيترائي ڀيرا بحرين ملڪ گھمڻ جو خيال آيو. پروگرام به ٺهيو ٿَي، پر موڪلن جو ڪجھ اهڙو سلسلو رهيو جو بحرين گھمڻ جي ڪا واٽَ نظر نه ٿي آئي. bahrain mapحالانڪه دمام کان بحرين آهي به مُني ڪلاڪ جي پنڌ تي.روڊ ذريعي پنهنجي گاڏيء تي وڃڻ به آسان آهي ته  ٻه ٽي سو ريالَ اوٽ موٽ ڀاڙَي تي بَسون ۽ ٽيڪسيون به هلنديون آهن جيڪي چيڪ پوسٽ ۽ ويزا جي چڪرن کي ڪڍي ڪري اڌ ڪلاڪ ۾ بحرين پڄايو ڇڏين. سعودي عرب جي الڳ چيڪ پوسٽ آهي ته بحرين جي الڳ جتي وري ويزا به ان ئي وقت پاسپورٽ تي پنجاھ ريالن جي عيوض اسٽيمپ ڪيو ويندو آهي. سالياني موڪل تي گھر کان سواء ٻي ڪا واٽ نظر نه ايندي هئي، اها موڪل هئي به حج واري عيد تي، سو ان موڪل کي هٿان وڃائڻ بي وقوفي ٿَي لڳي. اسانکي ٻي موڪل رمضان واري عيد تي ملندي آهي جيڪا لڳ ڀڳ هفتي جي هوندي آهي. پر رمضان جا روزا سو به دمام ۾ مطلب سورهن، سترنهن ڪلاڪن جو روزو ٿي ٿيو، ٽيهن روزن رکڻ کانپوء ته هفتو آرام ڪرڻ ئي مناسب ٿي لڳو. ٻيو وري بحرين جهڙي بي باڪ ملڪ ۾ وڃجي سو به ٽيھ روزا رکڻ کانپوء، اهو ڪم مڙئي جوکم وارو ٿي لڳو. ڇاڪاڻ جو بحرين ملڪ ۾ وڃي ڪو پٽڙيء تان ٿِڙي ٿاٻرجي نه وڃي ان ڳالھ جي ڪا گارنٽي ئي ناهي، بالڪه بحرين ملڪ ماڻهو گھڻو ڪري ته وڃن ئي ٿِڙَڻ ٿاٻڙجڻ. مونکي اهڙو ڪو خاص شوق نه هو جنهن لاء دل بحرين وڃڻ لاء آتي بيٺي هئي، پرمونکي ڏسڻو هو ته ماڻهو ڪيئن ٿا ٿڙن ٿاٻرجن. سو اهڙو چڪر گھميو جو وڃي بحرين نڪتُس. نه ئي ڪو اهڙو پروگرام هو نه ئي وري ڪا تياري هئي، جيئن چوڻي آهي ته “آسمان سي گِرا کجور ۾ اَٽڪا”، سو مون سان به اها ئي ڪار ٿي. حج واري عيد تي منهنجي ٽڪيٽ هيڊ آفيس کان ئي ”گلف ايئر“ ذريعي وايا بحرين لڳي آئي. پر ان ۾ بحرين ايئرپورٽ تان هڪ ڪلاڪ جي ٽرانزٽ فلائٽ هئي. مطلب ته دمام کان بحرين ۽ ڪلاڪ جي انتظار کان پوء ٻي فلائٽ ۾ بحرين کان ڪراچي. ٿيو ائين جو دمام کان بحرين ته ٽائيم تي پُڄي وياسين، پر بحرين کان ڪراچيء واري اُڏامَ ۾ چوويهن ڪلاڪن جي ويرم اچي وئي. گلف ايئر وارن ته انجا ڪي ٻيا سبب ٿي ٻُڌايا پر جيڪا ڳالھ منهنجي ننڍڙي دماغ ۾ اٽڪي بيٺي هئي سا اها هئي ته هنن پنهنجون اُڏامون حج واري رُوٽَ تي لڳائي ڇڏيون هيون، پوء پئي ڪَيَن باقي مسافرن کي خُوار. ائين صرف گلف ايئر ۾ ئي ناهي ٿيندو پر حج واري عيد تي ٻين ايئر لائينز جا به پنهنجا ناز نخرا شروع ٿي ويندا آهن، جيڪي عام ڏينهن ۾ هڪ منٽ به ويرم نه ڪن سي اڌ اڌ مُنو مُنو ڪلاڪ يا وري ڪي ٻه ٽي ڏينهن مسافرن کي ويهاريو ڇڏين. سو گلف ايئر وارن جي ان ويرم ۾ گھٽ ۾ گھٽ مان ته ڏاڍو سَرَهو ٿيس، ڪيترائي سفر جا ساٿي پريشان به ٿيا، گوڙ گھمسان به ڪيائون پر ورين ڪجھ ڪِينَ. مون پئي کين آٿتون ڏنيون ته ابا سفر آ مڙئي خير آ، جيئن دير تيئن خير. منهنجي ته مفت ۾ الله ٻُڌي هئي. مٿان وري اهو ٻُڌي ڪپڙن ۾ نه ٿي ماپيُس ته گلف ايئر وارن اسانجي طعام ۽ قيام جو بندوبست به شهر جي هڪ ڀلي هوٽل ۾ ڪيو آهي. بس پوء ته الائي ڇا ڇا پئي گُھميو هن گُنهگار بندي جي ذهن ۾. قصو ڪوتاھ، اِميگريشن کان بحرين ملڪ جي چوويهن ڪلاڪن جي ويزا لڳي پوء هوٽل جي گاڏيء اسانکي وڃي “هوٽل دِيوا” جي گيٽ تي ڇڏيو جيڪا فور اسٽار هوٽل هئي. ايئر پورٽ کان هوٽل پهچندي پهچندي رات جو هِڪُ ٿَي ويو، پر پوء به رستن تي اهڙي روشني جو ڏينهن ٿي لڳو. هر پاسي سيڪيورٽي هاء الرٽ هئي، ڇاڪاڻ جو ڳچ وقت کان بحريني عوا۾ ۽ حڪومت جي وچ ۾ تڪرار پئي هليو. رستن ۽ گھرن جي بيهڪ ساڳي سعودي عرب واري هئي. بهرحال وڃي ڪمري ڀيڙا ٿياسين. ٿَڪ به ڏاڍو هو جو ايرپورٽ تي بيهاري بيهاري لاھَ ڪڍي ڇڏيا هئن، پر ڪمري ۾ پهچي سڀ ٿڪَ ئي لهي ويا. ڪمري جي فون تان گھر ڪال ڪري کين صورتحال بابت حال احوال ڏنم. منهنجو سنگتي جاويد شيخ خاص مونکي ايئرپورٽ تي وٺڻ لاء ڪراچي آيل هو تنهن کي به فون ڪري فلائيٽ ۾ چوويھ ڪلاڪ دير بابت آگاھ ڪيم.

سِيف مال

سِيف مال

گلف ايئر وارن جي پيڪيج ۾ ناشتو، منجھند جي ماني ۽ رات جي ماني هئي. تنهن کانپوء ٻه منٽ انٽرنيشل ڪال به فري هئي. هوٽل پهچڻ ساڻ ئي ريسيپشن تي اينٽري ڪرائي پهريائين کانئن رات جي مانيء جو پڇيم. جواب مليو ته هن وقت ٽي ٿيا آهن ۽ رات گذري وئي آهي، هاڻ اوهان ناشتي تي اچجو. اها ڳالھ ٻُڌي مون تي ته ڪو خاص اثر نه ٿيو جو پاڻ اڳي ئي بُکن جا پڪا هئاسين، پر مون وارو يار ظفر جيڪو منهنجي ئي پروجيڪٽ تي سرويئر هو ۽ سندس ٽڪيٽ مونسان گڏ ئي لڳي هئي سو ويچارو بک جو ڪچو هو سو وڃي پيٽ کي مُٺ ڏئي پنهنجي ڪمري ڀيڙو ٿيو. منهنجو سمهڻ جو ڪو پروگرام نه هو. چوويهن ڪلاڪن ۾ عربي/ فارسي نار تي 55 ڪلوميٽر ڊگھو ۽ 18 ڪلوميٽر ويڪرو ۽ 1,300,000 جي آباديء وارو ٻَيٽُ بحرين گھمڻو هو، ۽ ان بابت ٻُڌل هر شيء جو مشاهدو ڪرڻو هو. ياد رهي ته ان آدمشماري ۾ جيڪا جولاء 2013 ۾ ڪئي وئي هئي، تقريبن اڍائي لک خارجي آهن.

وقت به گھٽ هو سو ڪمري ۾ موجود هوٽل جي ڪيٽالاگ کي پڙهڻ شروع ڪيم. ڪيٽالاگ پڙهندي پڙهندي ائين ٿي لڳو ته متان هوٽل کان ٻاهر  نڪرڻ جي ضرورت ئي نه پوي، ڇاڪاڻ جو ضرورت جي هر شيء هوٽل ۾ موجود هئي. بهرحال ان وقت لڳو ٿي ته هاڻ بک کي ڌوڪو نه ڏئي سگھبو، سو روم سروس تي ڪال ڪري کانئن پُڇيم ته جي رنڌڻي ۾ ڪجھ هجي ته مونکي سڀاڻي واري رات جي ماني جي کاتي ۾هن وقت ڏئي ڇڏيو، سڀاڻي جا ڀاڳ سڀاڻي سان. چَيَن ٺيڪ آهي اوهان ڀلي ڇهين ماڙ تي ريسٽوران ۾ اچو ته توهانکي ماني ڏيون ٿا. مان به لفٽ ۾ وڃي ڇهين ماڙ تي پهتس. کاٻي پاسي هوٽل ته ساڄي پاسي وري ڊِسڪو بَار، جنهن مان انگريزي راڳَ جا گھوگھٽ ٿي آيا. سوچيم ڀلا مانيء کان اڳ ٿورو ايڏانهن به ليئو پائجي. اندر داخلا جا پنج بحريني دينار هئا. مون وٽ ان وقت سعودي ريال هئا، پر بحرين ۾ ريال ۽ سعودي ۾ بحريني دينار هجن ته بس مَٽائڻ جي ضرورت ئي ناهي. سو پنجن بحريني دينارن جا پنجاھ ريال ڏئي اندر جو ويس ته پريان ڪنڊ تي ڊِي.جَي صاحب جي ميوزڪ سسٽم تي وٺ پڪڙ لڳي پئي هئي، مونکان ۽ ڪائونٽر تي ويٺل همراھ کانسواء بار ۾ موجود ڪو به شخص هوش ۾ نه ٿي لڳو. غريب ۽ ڏتڙيل ملڪن کان آيل عورتن کي تَنَ تي ليڙون ليڙون ڪپڙا پهريل هئا. ڪپڙا به کڻي نه چئجن پر ائين کڻي چئجي ته مڙئي بس ڍَڪيل هيون. پوء الائي واقعي غريب مسڪين هيون يا گھران تڙ تڪڙ ۾ نڪرندي ڪپڙا پهرڻ وسري ويا هئن، يا وري لوڊ شيڊنگ سبب اونداھ جي ڪري ڪپڙا هٿ نه پئي آين پوء جيڪي ملين سو پائي اچي نِڪتيون.  دمام سعودي عرب  کان اڌ ڪلاڪ جي فاصلي تي بحرين ملڪ ۾ اهڙي ڪِرت ٻُڌي ته هئي پر هاڻ اکين سان ڏٺي به. پوء ته اها به ڳالھ سمجھ ۾ اچي وئي ته موڪل وارن ڏهاڙن تي بحرين ڏانهن ويندڙ رستي تي سعودي بارڊر وٽ سعودين جي ايڏي رش ڇو ٿي ٿئي. بار ۾ سعودين کي شباب ۽ ڪباب تي مست ڏسي سوچيم ته پنهنجي ملڪ ۾ ته هي صوم و صلات جا پابند هوندا آهن ۽ اُٿندي ويهندي پيا حديثون ٻڌائيندا آهن. هت اچي کين دين ايمان ئي وسريو وڃي. خير، بار مان نڪري ذهن ۾ پنجاھ ريال ٿي گھميا. ايتري ۾ ته سعوديء ۾ ٻن ٽن ڏينهن جا ويلا نڪري ويندا آهن. ماني کائيندي کائيندي صبح جا پنج وڄڻ لڳا. بس فجر جي اذان آئي ته مه خاني جون مستيون ۽ بي باڪيون به بند ٿيون. مان به ڪمري ۾ وڃي بيڊ تي ڪِريُس. صبح جو ستين وڳي اچي ظفر دروازو کڙڪايو. هن مولائيء کي اچي بک ڪَڪ ڪيو هو، رات به ماني نه کاڌي هئائين پر کيس اها به خبر نه هئي ته مون رات پئي هوٽل گھمي. سو کيس دروازي تان ئي ڇهين ماڙ تي ريسٽوران جو ڏَسُ ڏئي اچي سُتس ته وري ننڊ ڪانه آئي. پاسا ورائيندي ورائيندي ڏھ ٿي ويا. ناشتو ڪري هوٽل واري ڪيٽالاگ ۾ ڏيکاريل سوئمنگ پول ڏانهن هليو ويس جيڪو هوٽل جي ڇت تي ٺهيل هو. هوٽل جي ڇت کان بحرين جو نظارو به ڏسڻ وارو هو.

هوٽل جي ڇت کان بحرين جو نظارو

هوٽل جي ڇت کان بحرين جو نظارو

اُتان کان بحرين ورلڊ ٽريڊ سينٽر، بحرين فنانشل سينٽر، مسجد الفتح (دنيا جي وڏين مسجدن جي فهرست ۾ ليکي ويندڙ مسجد) ۽ تقريبن سموري بحرين جا مَنَ کي موهيندڙ نظارا ڏسي دل ٿي چيو ته بس هن وقت ئي نڪري سير سپاٽو ڪري اچجي. تنهن کانپوء سوچيم ته منجھند جي مانيء کان اڳ ظفر سان ملي بحرين گھمڻ جو ڪو پروگرام به ٺاهجي. من ئي من ۾ اهو خيال ڪندو ظفر جي ڪمري ڏانهن هليو ويس. ڇهين ماڙ تي منجھند جي مانيء لاء گڏ نڪتاسين. ماني کائيندي کائيندي گھمڻ جو پروگرام ۾ به طع ٿيو. منهنجو مشورو اهو هو ته ٻاهر نڪري ڪو اهڙو ٽيڪسيء وارو پڪڙجي جيڪو لوڪل بحريني نه هجي، ڇاڪاڻ جو هو اسانجي جي صحيح کَلَ لاهيندو. ائين اسين ٻاهر نڪتاسين ته هوٽل جي سامهون ئي هڪ بحريني ڊرائيور ٽيڪسي جھليو بيٺو هو. کيس عربيء ۾ چيم ته بحرين گھمڻو آهي. چيائين ڪيتري وقت لاء. پنهنجي فلائيٽ وارو ٽائيم ٽيبل ذهن ۾ رکي ڪري کيس ٻن، ٽن ڪلاڪن جو چئي کانئس ڪرايو پڇيم. همراھ ڪرايو به اهو ئي ٻڌايو جنهن جوکُٽڪو هو. ويھ بحريني دينار. معنى ٻه سئو سعودي ريال، معنى تقريبن ڇھ هزار پاڪستاني رپيا. سو ان ٽيڪسيء واري کي چيوسين ادا توهانکي اجازت آهي. اسين وري پنڌ ئي پنڌ ٿورو اڳتي نڪتاسين ته مَنَ ڪو بنگالي،پاڪستاني يا هندوستاني ڊرائيور ملي وڃي ته ڪلياڻ ٿي ويندو. ٿورو ئي اڳتي مَين روڊ کان ٿورو پاسيرو ٿي پئي ايندڙ ويندڙ ٽيڪسين ڏانهن ڏٺوسين. پر اسانکي ته اها خبر ئي ڪانه هئي ته بحرين ۾ ڪو به خارجي ٽيڪسي نه ٿو هلائي. بيهي بيهي اچي ٿڪاسين. ظفر همت هاري ويٺو ۽ وَرَڻ جو چيائين، پر مون چيو، ”نه، بحرين ته اڄ گھمڻو آهي سو به سَستي ۾.“ ايتري ۾ هڪ پرائيويٽ ڪار اچي اسانجي جي ڀر ۾ بيٺي. همراھ شيشو هيٺ ڪري اسان کان پڇيو ته ڪيڏانهن وڃڻو آهي. هُو ته اسانجو رنگ ڍنگ ڏسي سمجھي ويو هو ته هي ڪي خارجي آهن. پر اسانکي به جيڪوسندس بنگالي هجڻ جو گُمان ٿيو هو سو سندس ڳالهائڻ کانپوء يقين ۾ بدلجي ويو. کيس چيوسين ته گُھمڻو آهي ٻه کن ڪلاڪ، گھڻا وٺندي؟ چيائين اَٺَ بحريني دينار. اسان ته مَنَ ئي مَن ۾ ٻُڌي

هوٽل جي ڇت کان بحرين جو نظارو

هوٽل جي ڇت کان بحرين جو نظارو

سَرها ٿياسين پر پوء به پَڪائي ڪري پنجن دينارن جو چيومانس پر نه مڃيائين. بس پوء اسان به ويهي رهياسين گاڏيء ۾. اهو به نه سوچيوسين ته بحرين آهي، الائي ڪهڙي صورتحال هجي. موڪل تي وڃڻ سبب کيسا به ڀريل هئا. اهو اندازو به هو ته بحرين ۾ ڪرائم ريٽ پوء به سعوديء کان ته وڌيڪ ئي آهي. پر بحرين به گھمڻو هو سو به سَستي ۾ سو مڙئي جوکم کنيوسين. ڌڻيء جو نالو وٺي اڳتي وڌياسين. اسماعيل بنگاليء (ڊرائيور) کي زور ڀريوسين ته پهريان ڪجھ اهم جايون گھماء پوء جي ٽائم بچيو ته باقي به گھُمي وٺبو. سِجَ بيٺي جو فائدو وٺندي ڊرائيور اسانکي بحرين ملڪ جي گاديء واري هنڌ المناما جي علائقي جُفَير، جتي اسانجي هوٽل هئي، کان ڏکڻ طرف لڳ ڀڳ مُني ڪلاڪ جي پنڌ تي جبل الدُخان جي علائقي ۾ هڪ 400 سال پراڻو وڻُ ۽ انجي اوسي پاسي ۾ دريافت ٿيل قديم ڪوٽُ ڏيکارڻ لاء وٺي هليو. ان ماڳَ تائين پهچندي پهچندي اڌ کان وڌيڪ بحرين لتاڙي آياسين. هت پري پري تائين واريء جا دڙا ٿي نظر آيا ۽ ڪا آبادي به نه هئي، ۽ نه ئي ڪو پاڻيء جا ڪي آثار هئا. اسانجي بنگالي ڊرائيور اسماعيل جي زباني ته هي 4 صديون پراڻو وڻ جنهن کي ”شجرالحياه“، ”Tree of Life“ ڪوٺيو وڃي ٿو، هت ڪنهن معجزي سان سائو بيٺو آهي. ماڻهن چواڻي ته زيرِ زمين ڪو نه ڪو آبي چشمو ان وڻ جي پاڻيء جي کوٽ پوري ڪندو هوندو. پر جي ائين هجي ها ته رِڻَ ۾ ويجھو اوڏو ڪا به ساوَڪَ نظر نه ٿي آئي. اهو وڻ ڏسڻ کانپوء اسين پڻ اچرج ۾ پئجي وياسين ته واقعي ڊرائيور جي ڳالهه صحيح ثابت ٿي. اهو وڻ واقعي ڪنهن معجزي تحت صدين کان ائين سائو بيٺو آهي. مختلف ملڪن جا سياح پڻ اُتي اهو معجزو ڏسڻ لاء آيل هئا. ڀر ۾ وري هڪ قديم ڪوٽ جا کنڊر پڻ هئا. جيڪي ايترا پراڻا ته نه هئا، پر اهو گُمان پئي ٿيو ته ان وڻ کي ڏسي پاڻيء جي آسري ۾هت صديون اڳ ڪو نه ڪو قافلو رڪيو هوندو ۽ گھر اڏي ڪوٽ ڏئي رهائش اختيار ڪئي هوندائون، پر اڳتي هلي ان وڻ جي پراسراريت سبب هنن وري لڏ پلاڻ اختيار ڪئي هوندي.

اتان کان واپسيء تي بحرين جي قومي ميوزيم گھمڻ جو پروگرام رِٿيوسين. ميوزيم پهچندي رستي ۾ ڊرائيور ان ميوزيم جي بابت هڪ ٻي ڏندي آڱريون اچي وڃڻ واري ڳالهه ٻڌائي. هن جي مطابق ته

Tree of Life

Tree of Life

اهو ميوزيم بحرين جي 6000 سال پراڻي دِلمون سڀيتا جي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي جي سنڀال لاء ٺاهيو ويو، ۽ اچرج واري ڳالهه هن اها ڪئي ته بحريني حڪومت اتان جي ريگستان ۾ موجود 2800 قبل مسيح جي هڪ قديم تاريخي مئلن جي دڙي جا ڪجھ حصا پنهنجي اصل جاء تان جيئن جو تيئن ميوزيم ۾ منتقل ڪري رکيا آهن. ڊرائيور جي اها ڳالهه ٻُڌي ميوزيم گھمڻ جو اُتساهه وڌي ويو. ڪلاڪ کن ۾ ميوزيم پهچي وياسين. اتي جيڪي ٻُڌوسين تنهن کان وڌيڪ ڏٺوسين. ميوزيم ۾ سياحن جا ڳاهٽ هئا. قديم آثارن جي سار سنڀال ۽ سموري دنيا جي سياحن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ لاء ڪيل حڪومتي ڪوششن ۽ دلچسپيء جو اندازو ميوزيم تي ڪيل خرچ ۽ انتظامن مان آسانيء سان لڳائي سگھجي پيو. سمنڊ جي ڪناري تي ٺاهيل مَنَ کي موهيندڙ بحرين جي قومي ميوزيم جي عمارت ۾ موجود مختلف نمائشي حالن ۾ بحرين جي مختلف تاريخي ماڳن تان دريافت ڪيل قيمتي ڳَهَه، هٿ جي هُنُر جا مختلف نمونا جيڪي بحرين جي 6000 سال پراڻي تاريخ جو منظر پيش ڪن پيا. آرٽ حال ۾ وري مختلف بحريني ڪاريگرن جي  مجسمي سازيء جي مهارت سان بحرين ملڪ جي ثقافت، ريت رواج، رهڻي ڪهڻي ۽ گھرن جي بناوٽ کي پيش ڪيو ويو. Documents and Manuscripts hall  ۾ وري قرآن پاڪ جا قديم نُسخا ۽ ٻيون ڪيتريون ئي تاريخي لکڻيون پڻ موجود هيون.

ميوزيم گھمڻ کانپوء واپسيء تي رستي ۾ هڪ نهايت ئي وڏو ۽ شاندار خريداريء جو مرڪز (سِيف مال) نظر آيو. دير به ٿي چُڪي هئي، ٿَڪُ به جام هو، پر پوء به دل چيو ته ان مال ۾ به جھاتي پائي مختلف شين جي اگھن تي نظر وجھجي ته جيئن سعودي عرب ۽ هتان جي مارڪيٽ جي اگھن ۾ فرق جو اندازو لڳائي سگھجي. سِيف مال ۾ هر شيء جا اگھ سعودي عرب کان به ٻِيڻ تي هئا. سو ڪا به خريداري ڪرڻ مناسب ڪونه

سِيف مال

سِيف مال

Bharain Museum

Bharain Museum

سمجھيوسين. ڇاڪاڻ جو موڪل تي وڃڻ ڪري اڳ ۾ ئي سعوديء مان جام خريداري ڪئي هئي. باقي ڊرائيور جي مطابق ته اندرونِ شهر ڪجھ اهڙيون مارڪيٽون آهن، جيئن،سُوق مَناما ((Manama Market جتي اسان جهڙن ڪفايت شعار (زالُن جي نظرن ۾ ڪنجوس) ماڻهن کي شيون سهانگيون مليو وڃن. باقي حرام جو پئسو هجي ته لُٽائڻ لاء بحرين نهايت ئي موزون مُلڪ آهي. ڇاڪاڻ جو  ديوا هوٽل جي اندر وارو ماحول صرف ان هوٽل ۾ ئي محدود ناهي پر اهي عياشيون پوري بحرين ۾ عام جام آهن. جيڪڏهن دُبئي کي مِني يورپ جو خطاب مليل آهي ته بحرين کي مائڪرو يورپ چوڻ ۾ ڪو به وڌاء نه ٿيندو. بحرين ۾ جيڏانهن ڪيڏانهن اڏاوتي ڪم به عوج تي پئي نظر آيو. زميني ايراضي گھٽ هجڻ جي ڪري عمارتن جي اڏاوت لاء سمنڊ ۾ ريتيء جو ڀراءُ ڪري انکي باقي زمين جي سطح سان اهڙو ته هموار ڪيو ويو هو جو هرو ڀرو ڪنهن اها خبر ئي نه پوي ته هت ڪو سمنڊ هو.

ڏهين بجي رات اچي هوٽل واپس پهتاسين ته ٿَڪَ سبب بُتَ ۾ ساھ ڪو نه هو. ڏيڍ بجي فلائٽ هئي. ٻارهين بجي هوٽل جي گاڏيء کي اسانکي ايئرپورٽ پهچائڻو هو. سو ٿورو گھڻو چيلھ کي سنئون ڪري، وهنجي سهنجي گرائونڊ فلور تي موجود ڪائونٽر تي چيڪ آئوٽ ڪرائڻ لاء پهتاسين ته مينيجر 10 دينار جو بِلُ هٿ ۾ پڪڙايو، جنهن ۾ 5 دينار پاڪستان فون ڪرڻ جا ۽ 5 دينار انٽرنيٽ جي استعمال جا هئا، مينيجر مطابق ته فون تي ٻن منٽن کان وڌيڪ ڳالهايو ويو آهي ۽ انٽرنيٽ گلف ايئر جي کاتي ۾ نه آهي. بِل ڏيڻ کانپوء مونکي اهو ئي وَسوَسو رهيو ته انٽرنيٽ ۽ فون ايتري مهانگي ٿي نه ٿي سگھي، ان بِلَ ۾ شايد هوٽل ۾ ساھ کڻڻ لاء آڪسيجن جا پئسا به هئا. سو پنهنجو ته بحرين گھمڻ جو ڀاڳ لڳي ويو، باقي حلال جي ڪمائيء مان ته ڪير بحرين گھمڻ جو سوچي به نه ٿو سگھي.

قصو ڪوتاھ، وڃي ايئرپورٽ تي پهتاسين. انتظارگاھ ۾ ويٺي ويٺي بحرين جي ان سفري وارتا جي بابت لکڻ شروع ڪري ڏنم جيڪا اڄ پڙهندڙن جي لاء حاضر آهي.

Bharain Museum

Bharain Museum

 

Bharain Museum

Bharain Museum

 

Bharain Museum

Bharain Museum

 

Bharain Museum

Bharain Museum

 

هوٽل جي ڇت کان بحرين جو نظارو

هوٽل جي ڇت کان بحرين جو نظارو

 

بحرين جون بي باڪ شامون.عوامي آواز سنڊي ميگزين1.6.2014.

بحرين جون بي باڪ شامون.عوامي آواز سنڊي ميگزين1.6.2014.

دل اَڙجي وئي دمام سان! ڀاڱو ٽيون

عوامي آواز جي ٿورن سان سعودي عرب جي اُڀراندي علائقي جي گاديء واري هنڌ دمام ۽ ان جي پسگردائيء ۾ ننڍن وڏن شهرن ۽ تفريحي ماڳن جي سفر کي جاري رکندي هن ليک ۾ القطيف، تارُوت ٻيٽُ، سعودين جي خارجين سان رَوَيَن ۽ ڪجھ عربي طعامن بابت حال احوال اوربو. تنهن کانپوء ڳچ پڙهندڙن ۽ دوستن جي دمام پهچڻ جي طريقيڪار بابت پُڇيل سوالن جي جواب ۾ سندن رهنمائيء لاء سڄو طريقڪار بيان ڪبو.

القطيف: دمام کان اُتر- اوڀر ۾ تقريبن ٽِيھن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي القطيف جو شهر آهي. تواريخي لحاظ کان هي شهر سعودي عرب جو سڀ کان قديم شهر آهي. آرڪيالوجي جي ماهرن مطابق هي شهر پنج هزار قبل مسيح کان آباد آهي. جيئن ته القطيف “قطف” لفظ مان نڪتل آهي جنهن جي معنى آهي “ميوا يا ڀاڄيون پَٽَڻ يا چونڊڻ يا گڏ ڪرڻ”، انڪري نالي مان ئي ظاهر ٿيو ته هي ٽڪرو زرخيز هجڻ جي ڪري هت پوکي پڻ ٿئي ٿي. عربي / فارسي نار جي ڇيڙي تي هجڻ ڪري ۽ قيمتي پٿرن ۽ کجيء جي وڻن سان مالامال هجڻ سبب هي شهر هزارين سالن کان مسافرن جي آرامگاھ رهيوآهي. تاريخ جو ڳچ حصو هي شهر موجوده بحرين ملڪ جي گاديء جو هنڌ پڻ رهيو آهي. بادشاھ نِبُوخَذنِصَّر جي حڪمرانيء کان وٺي عثماني سلطنت جي حڪمرانيء تائين القطيف تي ڪيترن ئي بادشاهن جون ڪاهون ٿينديون آيون آهن. سڪندر يونانيء جي فارسي سلطنت تي ڪاھ کانپوء هي علائقو ڪجھ وقت لاء سندس حڪمرانيء هيٺ رهيو. سڪندر يوناني جي حڪمرانيء واري دور ۾ تڏهوڪي الجَرها ۽ هاڻوڪي القطيف ايتري ترقي ڪئي جو انکي دنيا جو امير ترين شهر سمجھيو ويندو هو. تاريخي ڪتابن جي مطالعي مان اها به ڳالھ ظاهر ٿي آهي ته ان وقت ۾ ماڻهو ايترا ته سکيا ستابا هئا جو پنهنجي گھرن جي ڀِتين، اڱڻن، درن ۽ درين کي سون، چانديء ۽ قيمتي پٿرن سان سينگاريندا هئا.dil arji3

القطيف گھمندي ڦرندي ڪيترا ئي تاريخي ماڳ نظر ايندا، جن کي هتان جي موجوده حڪومت سياحن لاء محفوظ رکيو آهي. هن علائقي جا رهاڪو باقي سعودي عرب جي رهاڪن کان وري وڌيڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ روشن خيال آهن. ان ڳالھ جو ڀرپور فائدو وٺندي القطيف جي هڪ بزرگ رهاڪو سان ڳالھ ٻولھ ٿي جنهن ۾ هن القطيف جي هڪ تاريخي ماڳ “ قرامطين جي قبلي”  بابت معلومات ڏني. ان ماڳ کان اسان اڄ تائين اڻڄاڻ هئاسين. هُن مطابق ته 317 هجري دوران القطيف ۾ قرامطين (اسماعيلي شيعا) جي حڪومت دوران هنن ڪعبة الله شريف تي حملو ڪري ڪيترائي حاجي زخمي ڪري حجرِ اسود چورائي اچي القطيف ۾ هڪ ڪوٽُ اڏي ان ۾ رکيو هو ۽ اُتي ئي انجي عبادت ڪندا هئا.  قرامطين جي ان عمل تي فاطمي جيڪي اڳ ۾ هنن جا اتحادي هئا سي سندن مخالف ٿي پيا. پر تنهن کانپوء عباسي خلافت انجي رد عمل ۾ قرامتين سان ڳالهين ذريعي حجر اسود واپس وٺڻ جا وَسَ ڪيا پر پوء به پٿر واپس نه ٿيو. قرامطين جي حڪمران سليمان جي موت کان پوء وري سندس ڀاء احمد القطيف جي واڳ سنڀالڻ کانپوء 339 هجريء ۾ حجرِ اَسود واپس ڪيو.                            چاچَي پوڙهي جا حال احوال ٻُڌي سندس تواريخ سان لڳاء بابت به اندازو ٿي ويو، ۽ سندس انگريزي به ڀلي هئي، جنهن جو سبب اهو هو ته پنهنجي تقريبن اڌ عمر هن آرامڪو ۾ نوڪري ڪئي هئي. چاچي کان ان ماڳ جو ڏَسُ پَتَو پُڇي اسان به ان تاريخي ماڳَ پَسَڻَ لاء روانا ٿياسين.

مَڇيء جي شوقينن لاء القطيف ۾ هڪ تمام وڏي مڇي مارڪيٽ آهي. هن مڇي مارڪيٽ مان تقريبن پوري ملڪ ۾ مڇي موڪلي وڃي ٿي.  وڌ ۾ وڌ ذائقي واري مڇي هت “هامُور” جي نالي سان مشهور آهي جيڪا ٻين مڇين کان مهانگي پڻ ٿئي ٿي. مڇيء جي ٻين قسمن ۾ الشهري، گُرگُفام، پامفريٽ، تِلاپِيا، تُونا، جھينگا (الرُبيان)، شيل فِش، ڪِريب، لوبسٽر ۽ ٻيو به ڪيترن ئي قسمن جو سِي فُوڊ هت آسانيء سان مليو وڃي. مڇي مارڪيٽ جي ٻاهران وري هوٽل نما دُڪان ٺهيل آهن جيڪي وري تازي مڇي ڪيترن ئي نمونن سان ڇھ کان ڏھ ريال ڪلو ۾ ٺاهي ڏين. مطلب ته مارڪيٽ مان تازي مڇي وٺو ۽ اُتي جو اُتي ٺهرائي نوشُجانُ ڪيو.

القطيف کان ئي هڪ پُل القطيف کي تارُوت جي ٻيٽ سان ڳنڍي ٿي. سَتَر چورس ڪلوميٽرن جي ايراَضيء جي تاروت ٻيٽ تي به موئن جي دڙي جيان هٿ آيل هڪ تاريخي ماڳُ “تل رافيه” “رافيه جو دڙو”  1993ع ڌاري دريافت ڪيو ويو. رافيه جي دڙي مان هزارين سال قديم ٿانوَ، قيمتي پٿرن سان جَڙيل ڳَھَ ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي قيمتي شيون هٿ آيون آهن جن مان ڪجھ ته دمام ميوزيم ۾ ۽ ڪجھ وري رياض ميوزيم ۾ سانڍيل آهن . 5000 قبل مسيح جيتري پراڻي هن ٻيٽ تي ڪيتريون ئي نسلون آباد ٿيون، جن مان دِلمُون، اَڪادين، قديم آشور جا رهاڪو جن کي آشوري يا اَسَائرِيَن سڏجي ٿو، فارسي ۽ پُرتگالي شامل هئا. تاروت ٻيٽ تي گھمڻ دوران هڪ ته اهو اندازو ٿيو ته ننڍو ٻيٽ هجڻ ڪري هت آبادي ايتري نه آهي پر جيڪي به ڪُٽنب هت آباد آهن سي انتهائي پڙهيا لکيا ۽ با شعور ٿي لڳا، جن جا وڏا بنيادي طور تي مُهاڻا هئا. ٻيٽ جي چوگرد ڪوسٽ گارڊن جي اهڙي سخت چوڪي جو شل پکي به ڪو بغير اجازت جي پَرُ هڻندو هجي. ان جو ڪارڻ اهو هو جو القطيف سميت هن ٻيٽ جي چوڌاري هڪ ته تيل جا جامَ ذخيرا آهن ۽ ٻيو ته عربي/ فارسي نارَ کان پنجويھ کان ٽيھ نَاٽِيڪل ميلَ پَريان وري ايران جو ملڪ آهي.

سعودين جو خارجين سان ورتاء:

خارجي جيڪڏهن بنگالي آهي ۽ ڪنهن سعودي جي وَر چڙهي ويو ته گيسيون ڪرائيندس. بنگالين جا ڪَمَ به ڪجھ اهڙا آهن سو ويچارن جي ايتري عزت ناهي. سعودي عرب ۾ بنگالي سنڌين وانگي هڪ ڪميونٽي ۾ رهن ٿا. اوکيء سوکيء ۾ گڏ. جھيڙو هجي يا ڪو مسئلو سڀ بنگالي گڏ ٿي ويندا آهن. اهڙن ڪجھ جھيڙن ۾ سعودين جا مٿا ڦاڙڻ کانپوء بنگالي هاڻ ويٺا ڊڄندا وتن. پنهنجي سعودي عرب جي ڪيريئر ۾ انجنيئرنگ جي ميدان ۾ مونکي اڄ تائين ڪو بنگالي نه مليو. باقي بنگالي ڊاڪٽرَ پنهنجي ميدان ۾ ملهائن پيا.

پاڪستانين جي وري به ٿوري گھڻي عزت آهي. ڪهڙي به شعبي جي ڪمپني هجي، يا مزدوريء کان وٺي پنهنجو ذاتي ڪاروبار جهڙوڪ؛ آٽو مڪينڪ، اليڪٽريشن، هوٽل جو ڪاروبار وغيره هجي اُتي پاڪستاني ته ضرور ملي ويندو. هاڻ معذرت سان هڪ ڳالھ عرض ڪبي هلجي ته ڳالھ ٿي پاڪستانين جي، پر انهن ۾ اسانجا سنڌي سٻاجھڙا ڪنهن مزدوريء جي ڪمَ يا آٽو مڪينڪ، يا اِليڪٽريشن يا ڪنهن ٻئي ذاتي ڪاروبار ۾ اڄ تائين نه مليا. هاڻ ان ڳالھ کي خوش نصيبي چئجي ته سنڌي قوم ڪا ايڏي سُکي سَتابي قوم آهي جو انهن کي مزدوري ڪرڻ جي ضرورت ئي نه ٿي پوي. يا ان ڳالھ کي بد نصيبي چئجي ته اسانکا ڪو ڏکيو ڪم ٿيندو ئي ڪونه آهي يا وري اسانکي کپي وائٽ ڪالَرَ واري نوڪري. اهو فيصلو ڇڏيون ٿا پڙهڻ وارن تي. هندستانين سان به سعودين جو تقريبن ساڳو پاڪستانين وارو ورتاءُ آهي. باقي جي ڪنهن سعوديء کي رستي ۾ يا ڪنهن شاپنگ سينٽر ۾ ڪٿي به ڪو اڇي چمڙي وارو (يورپين) ملي ويو ته  پوء ويهي ڏسو سعودين جا مَزا. سَتَن پوتين ۾ ويڙهيل زال سميت ٻارن ٻچن کي ان سان تعرف ڪرائڻ ۾ جُٽي ويندا. هڪ ته عربن کي انگريزي ڳالهائڻ جو اڳيئي گھڻو شوق، وري مٿان جي ڪو انگريز يا ڪو اڇي چمڙيء وارو ملي وڃين ته سندس آڏو پاڻ وڇائي ڇڏيندا آهن.

عربي طعامَ(Mediterranean cuisine):

شروعات ۾ ته بغير مرچ مصالحن جي ڦِڪا ۽ سُڪا تيلَ ۾ ٻُڏَلَ کاڌا پاڻ کي وڻيا ئي ڪونه ٿي. هاڻ ته وري پنهنجي گھرَ جي ماني ڪونه وڻي. صبح ساجھُر هوٽلُن تي ۽ ننڍن ننڍن بُوفيَن تي ماڻهن جو ميڙ ڏسي اهو محسوس پيو ٿيندو آهي ته سندن مايون سندن وانگي هڏ حرام ناشتو ٺاهين ئي ڪو نه. سعودين جو پسنديده ناشتو وري عَدَس (دال)، افغاني فُولُ (لوبيا / مختلف قسمن جي مَٽَرَن جون ڦَريُون)، فِلافِل (چَڻَن جا ڪبابَ) سينڊ وِچ ۽ شَڪشُوڪه (بيضن جي ڀاڄي) آهي. پنهنجي عادت اهڙي ٿي پئي جو روز نه ته موڪل واري ڏينهن ناشتي ۾ فُول کانسواء مزو ئي نه اچي. منجھند جي مانيء ۾ هت وري چانوَرَ لازمي آهن. چانورن وارو جيڪو عربي طعام آهي سو ڪبسه سڏجي ٿو، پوء اهو يا ته وڏي گوشت ۾ ٿئي يا وري مرغيء ۾ ٿئي ٿو. روايتي کاڌن کي ڇڏي عربن جو اڄڪلھ گھڻو لاڙو فاسٽ فوڊ ڏانهن ٿي پيو آهي. پر حقيقت ۾ سندن روايتي طعام انتهائي لذيذ ٿين ٿا. جيئن حريث. ڪڻڪ ۽ ٻاڪري گوشت مان ٺهيل حريث ائين آهي جيئن اسان وٽ حليم. پر حريث رُڳي لوڻ ئي ڪاري مرچ ۾ ٺاهيو وڃي ٿو. مِٺائين ۾ وري لبناني ۽ مصري مٺايون پنهنجو مَٽُ پاڻ آهن پر مِٺي جو هڪ طعام جيڪو اسانجي دل کڻي ويو سو آهي “معصوب”. هي اصل ۾ يمني ڊش آهي پر هت عام جام آهي. قِيمي واري مشين ۾ ماني ، ڪيلا ۽ کجي وجھڻ کانپوء ان مرڪب ۾ ڪريم، چِيز ۽ ماکي وجھي معصوب تيار ڪيو وڃي ٿو ۽ نهايت ئي لذيذ ٿئي ٿو. هت پاڪستاني، هندوستاني ۽ بنگالي هوٽلون به عام جام آهن جتي وري جيڪڏهن بورچي ڀلا مليو وڃن ته پوء جَهِڙو گھر جي ماني پيا کائو.

ڪراچيء کان دمام:

مغربي توڙي باقي عرب ملڪن جيان سعودي عرب ۾ حج يا عمري کانسواء ٻيا سياحتي ويزا جاري ڪونه ٿين. سو سعودي عرب جي سياحت واري انڊسٽري کي هٿي وٺرائڻ وارن اُپائن مان هي هڪ منفي پهلو آهي. ان بابت ڳچ تحقيق ڪئي پر ان جو ڪو مناسب ڪارڻ سمجھ ۾ نه آيو، نه ئي ان ڳالھ جو ڪارڻ ڪنهن سرڪاري ويب سائيٽ تي ڄاڻايل آهي نه وري ان ڳالھ کي لوڪل ميڊيا اُڀاريو آهي. ها باقي سعودي عرب ۾ ڪنهن ڪمپنيء ۾ نوڪري لڳڻ کانپوء حاصل ڪيل ويزا، ڊپلوميٽڪ ويزا، حج عمري جو ويزا، تعليمي وظيفي جي تحت حاصل ڪيل ويزا يا ڪاروباري ويزا جي ذريعي ئي داخل ٿي سگھجي ٿو. ڪنهن عرب سڳوري جي ڪفالت وٺڻ (جنهن کي آزاد ويزا به چئبو آهي) تي اڄڪلھ حڪومت جي وٺ پڪڙ آهي. آزاد ويزا واري چڪر ۾ ٿيندو ائين هو ته ڪنهن عرب سڳوري پنهنجي ڪا ڪمپني گورنمينٽ سان رجسٽر ڪرائڻ کانپوء پاڻ کي ويزا ڏيڻ جو اهل ڪري، پاڪستان توڙي ٻين پوئتي پيل ملڪن مان سستا مزدور گھرائي کين اڳتي ٻين ڪمپنين ۾ موڪليندو هو، مزدور ويچاري جي ڪمپنيء کان ملندڙ اُجرت جو اَڌُ به پاڻ کڻندو هو ۽ مزدور جي پگھار مان به سَو ٻه سَو ريالن جي ٽُڪَ ڪندو هو. سو هاڻ گورنمينٽ وري اهڙن ويزن تي پابندي هڻي ڇڏي آهي ته جنهن به ڪفيل(ويزا ڏيڻ وارو سعودي) جو ويزا آهي ڪم به ان وٽ ئي ڪرڻو آهي. اهڙن خارجين جي مدد لاء وري سعودي حڪومت آسان طريقيڪار رکيا آهن ته پنهنجي ان ڪفيل کان اين.او.سي وٺي پنهنجو ويزا ان ڪمپنيء جي نالي تي منتقل ڪرايو جنهن وٽ اوهان ڪم ڪري رهيا آهيو، ٻي صورت ۾ دائمي ملڪ نيڪاليء جي پڻ ڌمڪي ڏني وئي آهي. ڪنهن کي نوڪري ڪرڻي آهي، پڙهڻو آهي، ڪو ڪاروبار ڪرڻو آهي يا وري ڪو هرو ڀرو واندو آهي ۽ کيس سعودي عرب يا وري خاص ڪري دمام گھمڻ جو شوق اٿس ته پوء ڪراچي ته پوري ريڪروٽنگ ڪمپنين سان ڀري پئي آهي. لک ٻن ۾ ڪنهن ڪمپنيء جو ويزا هڻايو ۽ سال کن ڪم به ڪيو ۽ گھمو ڦرو به، يا وري سعودي عرب جي يونيورسٽين ۾ داخلا لاء وظيفا به ايندا رهن ٿا، جن جا اشتهار وري وقت سِر مختلف اخبارن ۾ ۽ نيٽ وغيره تي پڻ ايندا رهن ٿا. يا ڪاروباري ويزا Business Visa  هڻائي به آسانيء سان گھمي ڦري سگھجي ٿو. پر ان ويزا لاء ڪروڙ پتي هجڻ ضروري آهي. ها باقي عمري ۽ حج واري ويزا لاء اوهان صرف ۽ صرف جده، مڪو ۽ مدينو پاڪ ئي گھمي سگھو ٿا. جي اُتان شارٽ ڪٽ ڪڍي ڪو ٻيو شهر گھمڻ ڦرڻ لاء نڪتئو ۽ پڪڙجي پيئو ته پوء سڌو جيل ۾. ۽ هاڻ اُهو قانون به ختم ٿي ويو ته ڀاڄوڙن کي عزت ۽ احترام سان پنهنجي ملڪ ڊيپوٽ ڪيو ويندو هو. هاڻ انهن کي پڪڙي مهينو انهن جي بهترين خدمت ڪئي ويندي آهي. جيل واري ان ڪمري ۾ جنهن ۾ ڀاڄوڪڙن کي رکيو وڃي ٿو ان ۾ پاڻي ڇڏيو ويندو آهي ته جيئن سائين جن اُتي ئي وِنهنجي سِنهنجي، تيل ڦُليل ڪري تيار به ٿين ۽ وقت سر سوئمنگ پول جا مزا به وٺن. سو ٻيلي اهو ڪم ڪجو پنهنجي ذميواريء تي متان سُڀاڻي پٽون پاراتا ملن ته ليک ۾ ته اهو اسانکي ڪونه ٻڌايو ويو هو. اهي ته هئا هت پهچڻ جا شارٽ ڪٽ رستا ۽ انهن ۾ پيش ايندڙ پريشانيون، هاڻ اوهانکي ٻُڌائبو هت پهچڻ جو سڌو سنئون طريقيڪار.

راڻي پور کان ڊيرا الهيار بلوچستان، تنهن کانپوء نوابشاھ  تائين مختلف ڪمپنين ۾ نوڪريون ڪندو ڪراچي اچي هنڌ ڪيم. ٻڌندا پئي آيا سين ته ڪراچي آخري اسٽاپ آهي. ڪراچيء کانپوء جو سفر وري گھڻو اڳتي وٺيو وڃي. سو مون سان به اهو ئي ٿيو. سال کن ڪراچيء ۾ نوڪري ڪئي، لياري ايڪسپريس وَي کي تقريبن تيار ڪيوسين. ان دوران ئي خبر پئي ته هاڻ ڪمپنيء مان ماڻهو ڪڍن پيا. سو مون سوچيو ته ان کان پهرين جو مون کي ڪو اهڙو ليٽر ملي مان پاڻ ئي ٿو ڀڄڻ واري ڪيان. سو ٻاهرين ڪمپنين ۾ اپلاء ڪرڻ شروع ڪيم. ائين اِٽليء جي هڪ ڪنسلٽنگ ڪمپنيء ۾ منهنجو ويزا لڳي ويو. ويزا جو طريقيڪار اهو هوندو آهي ته پهريان ته پنهنجي ڪواليفڪيشن مطابق اخبارن وغيره ۾ اشتهار ڳولهبا آهن. اهي اشتهار ڪڏهن ته سڌا سنوان انهن ڪمپنين جي طرف کان هوندا آهن ۽ ڪڏهن وري پاڪستان ۾ موجود سندن ريڪروٽنگ ايجنٽن طرفان هوندا آهن. سندن ضرورت مطابق پنهنجيون عربيء ۾ ترجمو ٿيل تعلمي سَنَدون سعودي ايمبيسيء ۽ سعودي ڪلچرل سينٽر مان تصديق ڪرائي، سِي.وِي، پاسپورٽ جي ڪاپي ۽ نادرا وارو اووَرسِيز پاڪستانين وارو ڪارڊ NICOP ساڻ ڪيو کين موڪلبا آهن. تنهن کانپوء جيڪڏهن ڪمپنيء ۽ توهان جي وچ ۾ ايجنٽ جو هٿ آهي ته هو پنهنجو خرچ پاڻي به ضرور ڪڍندو آهي، جيڪو لکن ۾ ٿئي ٿو، جنهن کان بچڻ ممڪن ته ناهي پر ٿوري گھڻي مٿي ماري کانپوء ڪجھ رعايت به ڪندا آهن. ڪجھ وڏين ڪمپنين جا ايجنٽ وري هڪ پائِي به نه وٺن. باقي گورنمينٽ جي ته پنهنجي به فِي آهي جيڪا ايتري گھڻي ناهي. هڪڙا وري نقلي ايجنٽ به مارڪيٽ ۾ دڪان کوليوويٺا آهن جيڪي غريب اٻوجھ ماڻهن کي ڦُريو گُم ٿيو وڃن. پر انهن جي اصلي هجڻ جي تصديق جو هڪ آسان طريقو آهي. جيڪڏهن ڪو اصلي ايجنٽ آهي ۽ هو مارڪيٽ ۾ سالن کان ڪم ڪري رهيو آهي ته سندس ويب سائيٽ ضرور هوندي. بس ان ايجنٽ جي ويب سائيٽ تي ٿوري گھڻي نظر ڦيرائڻي آهي، جنهن ۾ سندن ڪم ڪار جو طريقيڪار ۽ سندن ايجنسي جي پوري معلومات موجود هجڻ ئي سندن اصلي هجڻ جا ثبوت آهن. هڪ ٻي آسان نشاني اها آهي ته اصلي ۽ پراڻا ايجنٽ گھٽ پئسا وٺندا آهن، ڇاڪاڻ جو کين ڪمپنيء جي طرف کان به ڪميشن مليو پوي. ان سموري طريقيڪار کانپوء ڪمپني جا نمائندا ان ئي ايجنسيء ۾ موڪليا ويندا آهن جيڪي انٽرويو ذريعي ڇانٽي ڪندا آهن. بس پوء ويزا جو انتظار. ويزا لڳرائڻ کان وٺي ٽڪيٽ ڪرائڻ تائين سڄو انتظام ايجنسي ئي ڪندي آهي. دمام جا حال احوال کُٽڻ جهڙا ته ناهن. پر هت ئي قصو ڪوتاھ ڪري ايندڙ ليک ۾ الخبر کان اڌ ڪلاڪ جي فاصلي تي سعودي عرب جي پاڙيسري بحرين ملڪ جي سيرَ سَپاٽي بابت پنهنجا تجربا ۽ ۾مشاهدا اوربا.

فهيم اختر ميمڻ

دمام سعودي عرب

عوامي آواز لنڪ

دل اڙجي وئي دمام سان! (الخليج نصف القمر،دمام فُٽ بال اسٽيڊيم ۽ دمام ۾ خريداري)

پُٺئين ليک ۾ دمام جي جاگرافيائي نقشي، مختصر تواريخ، صنعتي ۽ سياحتي انقلابن ۽ ڪجھ تفريحي ماڳن بابت ڳالھ ٻولھ ٿي. دمام جي ڪجھ وڌيڪ اهم ماڳن بابت ڳالهيون ڪبيون پر ان کان اڳ ٿورو گھڻو هتان جي موسم بابت حال احوال ٿي وڃي ته جيئن پڙهندڙن کي گھمڻ ڦرڻ سان گڏوگڏ موسم جو اندازو به رهي. موسم جي لحاظ کان دمام انتهائي اڻوڻندڙ علائقو آهي. اڻوڻندڙ ان ڳالھ ۾ ته مارچ جي مهيني کان جو سخت گرمي شروع ٿيندي آهي ته وڃي آڪٽوبر جي شروعاتي ڏينهن ۾ ڪو سُک جو ساھ کڻبو آهي. ان سموري عرصي ۾ گرمي پَدُ 35 ڊگري سَينٽي گريڊ کان شروع ٿيندو جُون، جولاء ۽ آگسٽ ۾ 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين به پهچيو وڃي. گرمي ته پنهنجي جاء تي پر ريگستان مان اُٿندڙ ريتيلا طوفان هفتن جا هفتا لڳاتار جاري رهن ٿا، جيڪي مَتِ ئي منجھايو ڇڏين. ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙي به حالت ٿيندي آهي جو اک نه ڏسي گوڏي کي. ان صورت ۾ وري ماسڪ لڳائڻ لازم ٿيو پوي. گرمين جي آخري مهينن جولاء، آگسٽ ۽ سيپٽيمبر ۾ وري سخت گرميء سان گڏ وري اهڙي گِھمَHumidity جو تَڙُ ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پوي. ٿورو ٻاهر نڪرو ته مُلڪ مِڙيو ئي پاڻي. جنوري، فيبروري ۽ مارچ ۾ ٿورو گھڻو مينهن پوي پر نه جَهِڙو. ويچارن پرديسين جون اکيون آسمان ۾ ته مَنَ ڪو ڪڙڪو ٿئي ته ڪو ٻه ٽي ڏينهن موڪل ڪجي پر نه، رُڳي آسرن ۾ وقفي وقفي سان پئي ڦُڙ ڦُڙ پوندي. زمين به اهڙي اُڃايل جو ٻئي ڏينهن خبر ئي نه پوندي ته ڪو مينهن به وسيو هو. هاڻ سوال اهو ٿو اُڀري ته ڀلا اهڙي موسم ۾ به ماڻهو ڪيئن ٿا گُھمن ڦِرن؟ ته جواب اهو آهي ته ڪمري ۾ ويهي سَينوارجڻ کان ته ڇائيء جا ڇَڄَ ڀلا. وندر جي وندر به ٿيو پوي.

دل اڙجي وئي دمام سان! (الخليج نصف القمر،دمام فُٽ بال اسٽيڊيم ۽ دمام ۾ خريداري). عوامي آواز ميگزين 13 آڪٽوبر 2013

دل اڙجي وئي دمام سان! (الخليج نصف القمر،دمام فُٽ بال اسٽيڊيم ۽ دمام ۾ خريداري). عوامي آواز ميگزين 13 آڪٽوبر 2013

الخليج نصف القمرHalf Moon Bay  :

دمام کان ڏکڻ – اوڀر ۾ تقريبن چاليهن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هڪ انتهائي خوبصورت تفريحي ماڳ الخليج نصف القمرHalf Moon Bay آهي. سَوَلي سنڌيء ۾ اَڌُ چنڊ وارو نارُ. هن ماڳ تي اهو نالو ان جي اَڌُ چنڊَ جهڙي شبيھ جي ڪري پيو.خليج ته ٿيو عربي لفظ، سنڌيء ۾ ٿيو نارُ. پر انگريزيء ۾ خليج کي Bay به چئبو ته Gulf  به چئبو.هاڻ فني اصطلاح موجب Bay  ۽ Gulf   هڪئي ڳالھ آهن، ٻنهي ۾ فرق صرف پيمائش جو آهي.Gulf  پيمائش ۾Bay  کان وڏو ٿئي ٿو ۽ ان ۾ داخل ٿيڻ جو رستو وري سوڙهو ٿئي ٿو، جڏهن ته Bay  ۾ داخل ٿيڻ جو رستو ويڪرو هجي ٿو.

دمام يا الخبر کان هن ماڳ تي پهچڻ جيترو آسان آهي اوترو ئي مشڪل به. بظاهر ته چاليھ ڪلوميٽر معنى ويھن منٽن يا اڌ ڪلاڪ جي ڊرائيو آهي پر ڳالھ اصل ۾ اها آهي ته هِت روڊن ۽ پُلين جو اهڙو ته ڄار وڇايل آهي جو ٿوري به غلطي ڪئي ته يُو ٽَرن وٺڻ لاء هليا وڃو ويھ کن ڪلوميٽر اڳتي. ٻيو ته ڇھ سالن ۾ اسانکي ڪو اهڙو ڏينهن نه مليو جنهن ۾ روڊن، پُلين ۽ فُٽ پاٿن جي اڏاوت جو ڪم ڪو بند ٿيو هُجي. روز پراڻا روڊَ پيا ڊهندا ۽ نوان پيا ٺهندا رهندا آهن. ان صورت ۾ ڪڏهن ڪڏهن ته وِکَ وِکَ تي ڊيٽور لڳا پيا هوندا آهن. ڊيٽور لڳائڻ جو مقصد ٽريفڪ کي متبادل رستو ڏيڻ ۽ اڳيان هلندڙ اڏاوتي ڪم جي تنبيه ۽ اشارا ڏيڻ آهي. ڊيٽور جي چڪرن ۾ اسان جهڙا سِڌي سَنئين روڊ جي سائن بورڊن کي ڏسي هلڻ وارا ڊرائيور ڀُلجيو پون، پوء ته اڌ ڪلاڪ جو پنڌُ به ٻه ڪلاڪ وٺيو وڃي.

خليج نصف القمر جي ڪنارن کي وري انتظامي حساب  سان اهڙي طريقي سان ورهايو ويو آهي جو انهن جو ڪجھ حصو گورنمينٽ جي انتظام هيٺ آهي ته وري ڪجھ حصو خانگي ڪمپنين جي انتظام هيٺ ڏنو ويو آهي. گورنمينٽ جي انتظام هيٺ ايندڙ حصي ۾ پِرنس محمد پارڪ، ڪِنگ فهد يونيورسٽي بِيچ جيڪو ڪِنگ فهد يونيورسٽي آف پيٽروليم اينڊ منرلز (KFUPM) سان لڳو لڳ آهي. گورنمنٽ جي انتظام هيٺ خليج نصف القمر تي انهن ٻنهي ماڳن کي تمام سهڻي نموني سينگاريو ويو آهي. ڪناري جي وِکَ وِکَ تي تقريبن اڌ ڪلوميٽر تائين ڪنڪريٽ جا پڪا رنگا رنگي ڇَپَرَ ٺاهيا ويا آهن، اهڙن ماڳن تي مسجدون به ٺاهيون وڃن ٿيون ته جيئن وقت تي ڪنهن کان فرض ادا ڪرڻ ۾ ڪوتاهي نهٿي وڃي. مڇي پڪڙڻ Fishing، ٻيڙيء جو سفر Sailing، آبي ڪَلَ جي مدد سان تيراڪي Snorkeling وغيره جهڙيون سرگرميون گُهمڻ وارن کي ڪجھ وقت لاء گھرگھاٽ ئي وساريو ڇڏين. گڏو گڏ کاڌي پيتي لاء هوٽلون به جام آهن، جتي گھڻو ڪري ته سامونڊي خوراڪ Seafood تي ئي لَٺ لڳي پئي هوندي آهي.

خانگي ڪمپنين جي انتظام هيٺ ايندڙ ڪنارا ته وري جهڙازمين تي جنت جا ٽُڪرا. بَودَل ريزورٽ، زمرد ريزورٽ، گولڊن ٽيولپ ريزورٽ، پام بيچ ريزورٽ، هاليڊي اِن ريزورٽ ۽ سعودي آرامڪو بِيچ جهڙن ماڳن کي ڏسڻ ساڻ ئي قصن ڪهاڻين ۾ ٻڌل شَداد واري جنت ياد اچي ويندي آهي.هنن خانگي ريزورٽس ۾ آرام، آسائش ۽ عيش عشرت جو سمورو سامان موجود آهي. انهن ماڳن ۾ وڃڻ وارو به ڪو جهڙو تهڙو نه ٿو ٿي سگھي. هڪ کان وٺي پنجن ڪمرن تائين ڪناري تي جوڙيل وِلا جن ۾ ضرورت جو هر سامان موجود رهي ٿو، ٻه هزار ريال هڪ رات جي حساب سان شروع ٿين ٿا.

جيٽ انجڻ سان پاڻيء تي هلندڙموٽر Jet Ski ، موٽر ٻيڙيء سان ٻَڌل پيراشوٽ جي وسيلي هوائي سير Parasailing، هوا ۾ اُڏندڙ ٻَيڙي Fly Board، ورزش جو هال، تيراڪيء لاء هٿرادو تلاء Swimming Pool، گھوڙي سواري، گولف ۽ اِنڊور راندين جهڙن تفريحن جي ڪري ئي ملڪي توڙي غير ملڪي سياح هنن ماڳن ڏانهن ڇڪجيو اچن. ڪمپنيء جي طرف کان هڪ ڀيري اسانکي پام بيچ ريزورٽ تي پورو ڏينهن گُذارڻ جو موقعو ملي ويو. هاڻ اهڙو موقعو ڪير ڇڏي؟

 وڃڻ ساڻ ئي ريزورٽ جي طرف کان پيڪيٽن ۾ بند ٿيل عمده قسم جو ناشتو مليو. تنهن کانپوء جهڙا وائڙا ٿي وياسين ته هاڻي گُهمڻ ڦرڻ شروع ڪاٿان ڪجي. هڪڙي پاسي سُوِمنگ پول هجي ته ٻئي پاسي اِنڊور راندين جو هال، هڪ پاسي جيٽ اِسڪي هجي ته ٻئي پاسي ٻيڙيء جو سير. ماڻهن جي پِيھ هجي. ڪيڏانهن وڃي ڀلا تيل ما ڪمايل پئسو، سڀ ته اسان وانگي مولائي ڪمپنيء جي خرچ تي ڪونه آيا هوندا. بهرحال منجھند جي ماني ڪانه ملي جو ناشتو اهڙو هو جو رات تائين وري بُکَ ئي ڪانه لڳي. رات ٿي ته سُوئمنگ پول جي چوڌاري پَٽيء تي ٽيبلُن تي دسترخوان لڳي ويا. جتي ڪانٽينينٽل ۽ لوڪل کاڌا آڏو هئا. کائڻ وارا ڀلي ڦاٽيو مري وڃن پر کاڌو کُٽڻ جهڙو نه هو.هتان جي ماڻهن ۾ وري اها ڳالھ ڏاڍي خراب آهي. اڌ کائبو ته اڌ اُڇلائبو. پارٽين وغيره ۾ ته هر جاء تي ائين آهي پر هت گھر گھر ۾ ائين ٿئي. چانورن جو ٿالھ جيڪڏهن آڏو آيو ته ان مان سڄو گوشت هڙپ ڪبو باقي چانور جهڙا جا تهڙا ٽوڪريء ۾. اسان مولائن ۾ وري بچائي رکڻ وارو رواج ته ڀلا رزق کي ائين ضايع ڇو ڪجي، ٻئي ڏينهن گرم ڪري کابو. اسانجي اها ڳالھ عربن کي ڪونه وڻي، هنن جي ڳالھ وري اسانکي ڪونه وڻي. پر اسان ته آهيون نَڪَ جا پڪا، سو پاڻ تي اثر ئي ڪونه ٿئي.

دمام فُٽبال اسٽيڊيم:

35000 تماشائين جي گُنجائش رکڻ وارو پِرنس محمد بن فهد اسٽيڊيم جو بنياد 1973ع ۾ رکيو ويو ۽ هي  دمام جو وڏي ۾ وڏو اسٽيڊيم آهي، جيڪو دمام جي گورنر شهزادي محمد بن فهد جي نالي تي آهي. عرب سڳورا فُٽ بال جا شيدائي. پاڻ وٽ جيئن شوقينن کي هر ملڪ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن جا نالا ۽ پيدائش جون تاريخون تائين به ياد هونديون آهن تيئن ئي هت وري اهڙا فُٽ بال جا شوقين آهن. گھٽيء گھٽيء ۾ ننڍا وڏا شام ٿيندي ئي ننڍن ننڍن ميدانن ۾ پيا ڊوڙندا. ائين کڻي چئجي ته وڌيڪ آساني ٿيندي سمجھڻ ۾ ته جيئن ڪرڪيٽ اسانجي رڳ رڳ ۾ ڊڪي ٿي تيئن ئي فٽ بال وري هنن جي رڳ رڳ ۾ آهي. پر هن معاملي ۾ سوال اٿيو ته ڀلا جي ايترا ڪو شوقين آهن ته پوء ورلڊ ڪپ ۾ ڪهڙو تَپُ ٿو چڙهين. سو انجو هڪ سبب ته اهو ٿو لڳي ته هتان جا ماڻهو آهن عيش عشرت جي زندگي گذارڻ وارا ۽ هڏ حرام سو انهن مان ڪا اميد به نه ٿي رکي سگھجي.

دمام ۾ خريداري:

هاڻ ڳالھ ڪجي دمام ۾ خريداريء جي ته هت خريداريء جا اڻ ڳڻيا مرڪزَ آهن. بس رُڳي ريالَ هجن کيسي ۾. جيئن پُٺئين ليک ۾ ڳالھ هلي ته هت عام واهپي جي شين جون صنعتون نه هجڻ جي باوجود به برانڊيڊ شين کان وٺي لُنڊي جي مالَ تائين هر شيء دستياب آهي. باقي شيون ته پنهنجي جاء تي پر پاڻ ڳالھ ڪنداسون سونَ جي خريداريء جي. هونئن ته شاپنگ به پنهنجي جاء تي هڪ هُنُرُ ئي آهي پر هت سَونَ جي خريداريء لاء ڪجھ وڌيڪ اک پٽڻي پوي ٿي. پنهنجي مُلڪَ پاڪستان مان ته سنگت ساٿ ۽ مٽن مائٽن انگَل ڪري ڇڏيو ته ادا هن ڀيري اچين ته سون وٺيو اچجانء ايڏانهن مڙئي سَجھيءُ خالص ٿو ملي. پر کين اها خبر ئي ناهي هوندي ته هت سونَ جي مارڪيٽ ۾ ڪهڙي کِچڻي پئي پچندي آهي. دمام ۾ سَون جي خريداريء جا ٻه وڏا مرڪز آهن. هڪ ته آهي حيات پلازه ٻيو وري آهي دمام سٽي سينٽر يعني صدر جي ليڊيز مارڪيٽ. ٻنهي هنڌن تي سون جي وڪري جي الڳ ڪهاڻي. شروع ڪيون ٿا حيات پلازا کان. هت 18 کان 24 ڪيرٽ جو سون ملي ويندو. ڊزائنن جي حساب سان وري 21 ڪيرٽ جو سون عام جام آهي. هاڻ جيڪر ڪو نئون اڻڄاڻ شخص جي هنن جي هٿ چڙهي ويو ته صحيح کَلَ لاهيندَس. اهو ائين جو 21 ڪيرٽ واري سون ۾ هڪڙا هٿ تي ٺهيل نمونا ته ٻيا وري مشين تي ٺهيل. هٿرادو نمونن جي قيمت وري مشين وارن نمونن کا وڌيڪ ٿئي ٿي. ٻيو وري چڪر اهو ته 10 گرام کان گھٽ سون کي توري ڪونه ڏيندا. ان جي بس ٻڌي قيمت ٿئي ٿي. پوء ان ۾ ڪا رعايت ڪَيَن ته ٺيڪ. تنهنڪري بهتر اهو ئي رهندو آهي ته چار پنج دڪان ڏسجن ته جيئن قيمتن جو صحيح اندازو ٿئي. دمام سٽي سينٽر ۾ وري ڪهاڻي ٻي آهي. اُتي اوهانکي 21 ڪيرٽ جي سون جي بجاء 22 ڪيرٽ جي نالي سان چريو ڪيو ويندو. ظاهر آهي پوء 22 ڪيرٽ جي قيمت به ٿوري وڌيڪ آهي. هاڻي اسان جهڙن کي ڪيئن خبر پوي ته ڪهڙو 21 ڪيرٽ ڪهڙو 22 ڪيرٽ. هن مارڪيٽ ۾ وري ڪنهن به سون جي دوڪان تي چڙهبو ته اهو ٻُڌڻ ۾ ايندو ته هن شيء جو وزن هيترو، قيمت ٿي هيءَ ۽ مزدوريء جا ٿيا سورنهن سيڪڙو، ڪُلُ ملائي ٿيا هيترا. اتي وري سڄي ڳالھ ان مزدوريء واري سيڪڙو ۾ آهي. ان کي جيترو گھٽ ڪرائي سگھجي ته ڪرائجي، ٿوري گھڻي مٿي ماريء کانپوء ته 12 سيڪڙو تائين به لَهي ايندا آهن. هاڻ هڪ ته سون جي اصل قيمت ۾ ريٽيل واري قيمت هڻي اڳ ۾ انکي مٿي کڻي ويا ٻيو وري 22 ڪيرٽ جو ڊرامو ٽيون وري مزدوريء جا سورنهن سيڪڙو. اسانجا اڻڄاڻ حاجي سڳورا به عمري يا حج تي اچن ته پوء جيڪو کين ملي سو وٺي خوش خوش ٿي هليا وڃن. پر حقيقت ۾ ڳالھ اها آهي ته سون وٺڻ کان اڳ ٿورو هوم ورڪ ڪجي ته بهتر رهندو. انٽرنيٽ تي سون جي انٽرنيشنل قيمت ڏسي ان کان پندرنهن يا ويھ ريال مٿي مزدوريء جو اندازو لڳائي پوء مارڪيٽ ۾ نڪرجي ٿو ته ڪم سولو ٿيو پوي.

اليڪٽرانڪس جي شين لاء وري بهترين مارڪيٽ ايڪسٽرا مارڪيٽ آهي. جتي تقريبن هر قسم جو اليڪٽرانڪس جو سامان آسانيء سان هڪ ئي ڇِت هيٺان مليو وڃي. باقي گھرو ضرورت جو شيون، کاڌي پيتي جو سامان، تازيون ڀاڄيون، فروٽَ، تازو گوشت، گارمينٽس، ميڪ اپ جو سامان وغيره لاء وري مختلف وڏا وڏا مالز آهن، جن ۾ پانڊا، تَمِيمي مارڪيٽ، فارم مارڪيٽ، لُولُو سپر مارڪيٽ، ڪارفور ۽ نَيسٽَو وغيره جهڙيون سُپَر مارڪيٽون هر شهر ۾ موجود آهن، جن جو ڄارُ سعودي عرب جي تقريبن هر شهر ۾ آهي. ان کان علاوه دمام سٽي سينٽر (دمام جي صدر مارڪيٽ) وڃبو ته اُتي ننڍيون ننڍيون ڪيتريون ئي خريداريء جون مارڪيٽون آهن. دمام جو اهو علائقو ٿورو وري سوڙهو به آهي، مٿان وري قطارن سان دڪان، ماڻهن جا ڳاهٽ، گاڏين جي پِيھَ دماغ گُهمايو ڇڏي. پنهنجي گاڏيء ۾ ان علائقي ۾ وڃڻ کان اڳ اڌ ريال جا سِڪا ضرور ساڻ هجن جو چئني طرف پَيڊ پارڪنگجون مشينون لڳل آهن. لوڪل گورنمينٽ جو اهو انتظام نهيات ئي ساراهڻ جوڳو آهي. ان سبب جي ڪري ئي دمام وارو صدر ڪراچيء واري صدر کان ٿورو گھڻو مختلف نظر ايندو آهي. پر پوء به گھڻي قدر مُشابهت ۾ آهن ڇاڪاڻ جو ڪراچيء واري صدر ۾ رُڳي پاڪستاني آهن، پر هتان واري صدر ۾ ته پاڪستاني، هندوستاني، بنگالي، سريلنڪي، نيپالي، فلپيني، سُوڊاني وغيره وغيره سڀ موجود آهن، وڌيڪ پاڻ ئي سمجھي وڃو.دمام جو قصو کُٽڻ وارو ناهي. انهي کي جيترو پيو ڇڪبو ويندو ربڙ وانگي ڇڪجندو. هن ليک ۾ دمام بابت ڪجھ وڌيڪ معلومات ڏيڻ کانپوء اڳئين ليک ۾ دمام جي اوسي پاسي جي مختلف شهرن ۾ موجود مختلف ماڳن، کاڌي پيتي جي لوڪل ڊِشِز، عرب سڳورن جي خارجين سان روين، بابت قصي کي جاري رکبو.

سعودي عرب جي اوڀر واري صوبي Eastern Province جي گاديء جو هنڌ دمام ملڪَ جي پنجن وڏن شهرن ۾ ليکيو ويندڙ ۽ دنيا جو وڏي ۾ وڏو تيل پيدا ڪندڙ علائقو مڃيو وڃي ٿو. دمام کان 15 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ الظهران جو شهر ۽ 20 ڪلوميٽر ڏکڻ – اوڀر ۾ الخُبَر جا شهر آهن. ٽنهي شهرن دمام، الظهران ۽ الخُبَر کي جاڙا شهر به سڏيو وڃي ٿو، جيڪي پاڻ ۾ ويجھا  هجڻ ڪري گِريٽر دمام يا دمام ميٽروپوليٽن ٺاهين ٿا. 2012ع تائين ٽنهي شهرن جي گڏيل آبادي لڳ ڀڳ  4,140,000 هئي جيڪا ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. انهن ٽن جاڙن ۽ اهم شهرن کان سواء هن صوبي ۾الجُبيل، النعريه، الحفوف، حفرالباطن، القطيف، راس تنوره، ابقيق ۽ الاحساء شهرَ پڻ موجود آهن. جن مان هر شهر جو تاريخي منظرنامو ۽ اهميت واري واري سان بيان ڪبي. ايراضيء جي لحاظ کان دنيا جو سڀ کان وڏو ايئرپورٽ King Fahd International Airport  دمام کان اُتر– اولهه ۾ 20 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي، جيڪو تقريبن 780 اسڪوائر ڪلوميٽرن جي ايراضيء تي پکڙيل آهي، ۽ پوري صوبي کي اهو هڪ ئي ايئرپورٽ آهي. ان کان علاوه دمام جي بندرگاهه فارسي نارPersian Gulf  تي وڏي ۾ وڏي بندرگاهه آهي.

دِل اَڙجي وئي دمام سان! عوامي آواز ميگزين

دِل اَڙجي وئي دمام سان! عوامي آواز ميگزين

دمام جو تاريخي پس منظر:

 دمام جي تاريخي پس منظر ۾ جھاتي پائجي ته اها خبر پوي ٿي ته  1923ع ڌاري بادشاهه عبدالعزيز جي دعوت تي بحرين جي هڪ قبيلي الدوسري جي آل بن علي جي ڪٽنب هت اچي پَکا اڏي ننڍڙو ڳوٺ آباد ڪيو. دمام عربي / فارسي نار (Arabian/Persian Gulf  ) تي هجڻ ڪري 1932ع تائين جديد سعودي عرب جي وجود ۾ اچڻ تائين انهن ڳوٺاڻن جو گذر سفر مڇي پڪڙڻ ۽ قيمتي پٿرن جي واپار تي هئو. هت ٿوري وضاحت ڪبي هلجي ته عربي ۽ فارسي نار جي وچ ۾ آبليڪ هڻي فرق ڏيکارڻ جو سبب اهو آهي ته اڄڪلهه اهو جھيڙو پيو هلي ته ان نار کي عربي نار سڏجي يا فارسي نار، ڇاڪاڻ جو اهو نار هڪ پاسي عربي اُپٻيٽ (Arabian Peninsula ) سان به لڳي ٿو ته ٻئي پاسي وري ايراني حدن سان به ٽڪرائي ٿو. تاريخدانَ ۽ محققَ ته ان ڳالهه تي متفق آهن ته 2200 سالن کان اهو فارسي نار ئي سڏبو ٿو اچي ته پوء هاڻ ان جو نالو تبديل ڪرڻ جو ڪهڙو جواز. پوء به جي وچان ليڪ ڪڍجي ته ايران وارو پاسو سڏبو ايراني خليج يا نار ۽ عربي اُپٻيٽ وارو پاسو سڏبو عربي نار. خير، ان ڦڏي ۾ پاڻ ڪو نه پونداسين، اهي سياسي مسئلا آهن. پاڻ ڳالهائي رهيا هئاسين دمام جي مرحليوار اوسر جي بابت. دمام جي ترقيء ۽ خوشحاليء جو سفر تڏهن شروع ٿيو جڏهن 1932ع ڌاري آرامڪو (نيشنل آئل ڪمپني آف سعودي عرب جي شاخ) دمام جي ڀر واري شهر الظهران مان تيل جو وڏي ۾ وڏو کوهه دريافت ڪيو. 1940ع ۽ 1950ع واري ڏهاڪي دوران دمام جي چوڌاري تيل جا ٻيا به ڪيترائي کوهه دريافت ٿيا جيڪو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. دمام جي مختلف علائقن ۾ ڪم ڪرڻ جي دوران اسانکي ان ڳالهه اچرج ۾ وجھي ڇڏيو ته هت تيل جا جيترا به ذخيرا اڄ تائين دريافت ٿيا آهن انهن مان هڪ اندازي مطابق صرف ڪي 20 سيڪڙو ذخيرا اهڙا آهن جن مان تيل ڪڍي صاف ڪري ملڪي ۽ عالمي ضرورتن کي پورو ڪيو وڃي ٿو، باقي 80 سيڪڙو تيل جي ذخيرن کي اڃا هٿ به نه لاتو ويو آهي.

دمام ۾صنعتي ۽ تجارتي انقلاب :

سعودي حڪومت مڪمل طور تي تيل جي پيداوار تي ڀاڙڻ جي بجاء ناڻي ڪمائڻ جي متبادل ذريعن ڳولڻ ۾ پڻ اڳڀري رهي. ان ڏَسَ ۾ سَتَر واري ڏهاڪي جي شروع ۾ ئي رياض، جدي ۽ دمام جي شهرن جي اندر الڳ صنعتي شهر اڏڻ جي ڪم جي شروعات ٿي. دمام جي اندر پهريون صنعتي شهر 1973ع ۾ قائم ٿيو، جيڪو تقريبن اڍائي ملين اسڪوائر ميٽرن جي ايراضيء تي پکڙيل آهي جنهن ۾ انفرا اسٽرڪچر، تجارتي ۽ سرڪاري ميدانن ۾ ڪتب ايندڙ سازو سامان سان لاڳاپيل اَسي مختلف فيڪٽريون ڪم ڪري رهيو آهن. 1978ع ڌاري دمام کان ٿورو پَرَ ڀرو هڪ ٻئي صنعتي شهر جو قيام پڻ رکيو ويو، جنهن ۾ هن وقت 298 فيڪٽريون ڪم ڪري رهيون آهن، جيڪي ملڪ ۾ گھربل ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ وچ اوڀر جي مختلف ملڪن ڏانهن سامان برآمد Export پڻ ڪن ٿيون. ٽيون صنعتي ۽ تجارتي مرڪز Industrial Zone دمام کان اُتر – اولهه طرف تقريبن نَوي ڪلوميٽرن جي فاصلي تي الجُبيل شهر ۾ آهي، جيڪو هن وقت وچ اوڀر ۾ وڏي ۾ وڏو صنعتي مرڪز آهي، ۽ دنيا جي چوٿين وڏي تيل ۽ گيس مان ملندڙ صنعتي مواد (پيٽروڪيميڪل) انڊسٽري پڻ الجُبيل ۾ آهي.

هاڻ اهو ته هو دمام جو ٻاهريون جلوو جيڪو پري پڙهندڙن کي شايد جلوو ئي لڳندو هوندو، پر هاڻ ڪجھ اندر جون ڳالهيون ڪجن. ڇاڪاڻ جو چوندا آهن نه ته هر چمڪندڙ شيء به سون نه ٿي ٿي سگھي. زندگيء جا ڇهه سال دمام ۾ گذارڻ ۽ دمام جو تجليون ڏسڻ کانپوء هڪ ڳالهه سخت پريشان ڪيو ۽ سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. اها ڳالهه هيء ته هيڏيون وڏيون انڊسٽريون هجڻ جي باوجود به مارڪيٽ ۾ سُئِيءَ کان وٺي گارمينٽس تائين، موبائلن کان وٺي جديد ٽيڪنالاجيء جي ٽيبليٽس تائين، اٽيشنري کان وٺي اڏاوت ۾ ڪم ايندڙ اوزارن تائين، تازين ڀاڄين کان وٺي تازن ميون تائين سڀ شيون مختلف ملڪن کان در آمد Import ڪيون وڃن ٿيون. ڪجھ شهرن ۾ زراعت جو نظام آهي پر پيداوار ضرورتون پوريون ڪرڻ جيتري ناهي. ڪجھ شهرن ۾ وري جديد هٿرادو طريقن سان زمين کي کيڙي زراعت ڪئي وڃي ٿي، جيڪا پڻ ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاء نا ڪافي آهي. گارمينٽس ۾ انڊيا وڏي کا وڏي مارڪيٽ ماريو ويٺو آهي تنهن کانپوء بنگلاديش. چانور هلي ئي انڊيا جو هتي. سچ پڇو ته اندر سڙيو وڃي جڏهن ڳولي ڳولي به ڪا شيء پاڪستان جي نه ملندي آهي. مُندَ ۾ پنهنجي انبن جو آسرو هوندو هو، هن سال اهو به لاهڻو پيو جو مارڪيٽ ۾ اهڙو ته سڙيل انب آيو جو دل ئي کڄي وئي. ها باقي پاڪستاني ڪاٺ جو فرنيچر جام آهي. ٻيلن جا ٻيلا وڍجي خالي ٿي ويا رُڳي عرب سڳورن جي فرحت لاء. پهريان ته سعودي مارڪيٽ ۾ چائنا پهرئين نمبر تي هو پر هاڻ ته انڊيا هَڻي چائنا جا ڍَڍَرَ ڍَرا ڪري ڇڏيا آهن. پر اڃا ٻي اندر جي ڳالهه اها ته انڊيا جا گارمينٽس ڪنهن مجبوريء ڪري وٺي پائڻا پيا ته پائڻ شرط ئي ڪنهن جو بخيو ڪاٿا پئي اُڊڙيو ته ڪنهن جو بخيو ڪاٿان.

هاڻ پڙهندڙن کي متان به اعتراض ٿئي ته ڀلا جي اهڙي ڳالهه هئي ته پوء هن سيڪشن کي دمام ۾ صنعتي ۽ تجارتي انقلاب جو نالو ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. سو اهو اعتراض به اکين تي. پر مون وارو به سوال اڃا اُتي ئي آهي ته شهرن اندر ايڏا وڏا صنعتي شهر ٺاهڻ کانپوء به اها ڳالهه سمجھ ۾ نه پئي آئي ته عام واهپي جون شيون ايڏي وڏي تعداد ۾ آخر درآمد ڇو پيون ڪيون وڃن. ڪجھ تحقيق ڪرڻ کانپوء اها ڳالهه سامهون آئي ته انهن صنعتن ۾ سيمينٽ، سَريَي، دوائن، پيٽروڪيميڪل، ڊٽرجنٽ، ڊيري، پولٽري، پلاسٽڪ جي پائپن جا ڪارخانا، پاڻيء کي لوڻياٺ کان پاڪ ڪرڻ Water de­salinization)) جون جديد صنعتو شامل آهن. سعودي گزيٽ اخبار جي هڪ صحافڻ سَميرا عزيز کان اهو سوال ڪيم ته ائين آخر ڇو آهي ته سعودي عرب ۾ صنعتي انقلاب کانپوء به هي ملڪ عام واهپي جي شين لاء اڃا به ٻين جو محتاج آهي؟ سوال ٻڌي پهريان ته مائيء کي ماٺ لڳي وئي، نيٺ ڪجھ ڪُڇي، اهو به صرف ايترو چيائين ته ويجھي مستقبل ۾ سعودي ڪنهن جو به محتاج نه رهندو. سندس اها ڳالهه مونکي هضم ڪانه ٿي. ڇاڪاڻ جو سعودي مرد ايترا سُست ۽ ڪاهل آهن جو اُٿي رڳو چانهن جو ڪوپ ٺاهڻ به ڪو نه پُڄين سو ڪٿان ٿي ختم ٿئي سعودي عرب جي محتاجي. بهرحال ان ۾ به ڪا ڀلائي آهي جو اسان سميت لکين غير ملڪين جو روزگار لڳو پيو آهي.

دمام ۾ سياحتي انقلاب:

رب پاڪ جو هن ملڪ تي ڪو وڏو ڪرم آهي جو هن ملڪ کي قدرتي وسيلن سان مالامال ڪري ڇڏيو اٿس، پر انسان ته وري به خطاڪار آهي. ڳالهه جو مقصد اهو ته تيل صاف ڪرڻ وارن ڪارخانن Oil Refineries  ۾ ويچارن غير ملڪين جي ڏينهن رات ڪم ڪري ڪري ٻيڙي ٻڏي وئي، تيل ته نڪتو پر ان جي قيمت وري علمي منڊيء OPEC  ۾ پئي لڳي، ٻيو وڏو الميو هن ملڪ سان اهو جيڪو مٿي بيان ڪري آيس ته هيڏا وڏا صنعتي شهر هجڻ جي باوجود به هي ملڪ عام واهپي جي شين لاء ٻين ملڪن جو محتاج. سو اڃا ڪي ٻيا ڪمائيء جي طريقا سوچيندي کين سياحت کي هٿي وٺرائڻ وارو خيال اچي ويو. ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪجھ ئي سالن ۾ سعودي عرب ۾ سياحت به هڪ صنعت جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي. ملڪ جي تقريبن هر شهر ۾ سيروتفريح لاء باغيچا ضرور ملندا. تاريخي جاين کي به اهڙي نموني سنواري ڇڏيو اٿن جو ڏسڻ وارو دنگ رهجيو وڃي. ڳالهه هلي پئي دمام جي ته دمام جي سيروتفريح جي لحاظ کان ڪهڙي ڳالهه ڪجي. ڪارنِش Corniche  سامونڊي پٽي الجُبيل کان جو شروع ٿئي ٿي ته ان ۾ هن صوبي جا تقريبن سڀ شهر اچيو وڃن ۽ انت وڃي ٿي ڪري قطر جي بارڊر سان. ان سموري سامونڊي پٽيء تي هر شهر ۾ ڪيترائي خوبصورت پارڪَ ۽ انهن ۾ من موهيندڙ نظارا اچيو وڃن. لوڪل گورنمينٽ انهن باغيچن کي اهڙو ته سنواري ڇڏيو آهي جو رات ٿيندي ئي ائين لڳندو آهي ڄڻ تارا زمين تي لهي آيا هجن. خاص ڪري هفتي جي پُڄاڻيء تي هنن باغيچن ۾ پير رکڻ جي جڳهه ناهي هوندي. ڪُٽنبن جا ڪُٽنبَ گھر ساڙيو هت اچي ويهن پوء سڄي سڄي رات ويٺا بار بي ڪندا ۽ مڇي پڪڙيندا وتن. دمام واري ڪارنش تي ته ڪنارن کي پهاڙي پٿرن سان وڌائي سمنڊ اندر ڀرائي ڪري هوٽلون ۽ نوان باغيچا ٺاهڻ جو ڪم ته هلندو ئي رهي ٿو. ان جو هڪ سهڻو مثال وري دمام ڪارنش وٽ ئي ٺهيل هٿرادو جزيرو المرجان آئلينڊ آهي.

دمام ڪارنش جي ڀِڪَ ۾ ئي روڊ ڪراس ڪري پرئين پاسي وري مارينا مال Marina Mall  آهي. هونئن ته دمام ۽ الخبر ۾ ڪيترائي وڏا وڏا خريداريء جا مرڪز آهن پر مرينا مال گھمڻ لاء هڪ سڄو ڏينهن به ڪافي ناهي. دمام ڪارنش تي پڪنڪ لاء ايندي گھران ڪجھ ٺاهي کڻي آيا آهيو ته ڀلو، نه ته ڀر ۾ ئي هيرٽيج وِليج نالي هڪ هوٽل ۾ هليا وڃو. داخلا ٽڪيٽ ڏهه ريال الڳ، باقي جيڪو کاڌو پيتو. ان هوٽل جي خاص ڳالهه اها آهي ته اندر داخل ٿيڻ ساڻ ئي ڏندي آڱريون اچيو وڃن، اندر جي ماحول مان ائين لڳندو جهڙو ڪو هڪ صدي اڳ جي ڪنهن دنيا ۾ اچي ويا هجو. کائو پيو، پوء هاضمي لاء وري فرسٽ فلور تي تاريخي ميوزيم جو رُخ ڪيو. جتي سعودي عرب جي تاريخ سان سلهاڙيل ڪيتريون ئي ناياب شيون موجود آهن. تاريخ سا دلچسپي رکڻ وارن لاء ان هوٽل ۾ ڪو وڏو مواد ته ناهي، پر دمام ميوزيم اها اُڃ اُجھائي سگھي ٿو.

دمام سِٽي سينٽر يا دمام جو صدر کڻي چئجي اتي هي تاريخي ميوزيم ۽ لائبريري موجود آهن. ميوزيم ۾ مختلف وقتن جي خليفن جون لِکيل تحريرون، سندن ڪَتبَ ۾ ايندڙ سامان ۽ قديم نقشا وغيره موجود آهن. دمام جي چوگرد چار سو کن تاريخي ماڳن جي ڪري هن ميوزيم جي اهميت پوري ملڪ ۾ اهم آهي.

هڪ ٻيو سيروتفريح جو ماڳ جيڪو سياحن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو اچي سو آهي  King Fahad Causeway، جنهن کي وري هِت ماڻهو آسان لفظن ۾ بحرين واري پُل سڏين. 25 ڪلوميٽر ڊگھي هيء پُل دمام جي پاڙيسري شهر الخُبَر کان پوري سعودي عرب کي بحرين جي راڄڌانيء سان ڳنڍي ٿي. ٻنهي ملڪن کي ان پُل ذريعي ڳنڍڻ جو مقصد تجارت ۽ سياحت کي هٿي وٺرائڻ هو. 1981ع کان 1986ع تائين جي وچ ۾ جُڙي تيار ٿيڻ واري هن پُل جي تقريبن وچ تي سعودي عرب کي دمام کان الڳ ڪرڻ لاء حد بندي ڪندي هڪ نهايت ئي مَنَ کي موهيندڙ هٿرادو جزيرو ٺاهيو ويو. جيڪو هڪ قسم جي چيڪ پوائنٽ آهي. ان جزيري تي ٻه خوبصورت مسجدون، پُل جي انتظاميا ۽ ڪوسٽ گارڊز جون آفيسون، هڪ 65 ميٽر ڊگھي ٽاور واري هوٽل ۽ ٻيون ننڍيون وڏيون هوٽلون ۽ باغيچا پڻ موجود آهن. ان ٽاور واري هوٽل ۾ اندر داخل ٿيڻ جي ٽڪيٽ 10 ريال آهي، لفٽ ذريعي مٿي ويندي  بالڪل ٽاپ فلور تان هڪ پاسي سعودي عرب جو نظارو ته ٻئي پاسي بحرين جو نظارو، وچ ۾ سمنڊ جو نظارو اهڙو جو بس اُتي ويٺو ئي هُجِجي. ڪافي وقت کان اها ٽاور واري هوٽل ڪن سببن جي ڪري بند آهي. هفتي جي پُڄاڻيء تي بحرين وارا الخُبَر ۽ دمام جو رُخ ڪن ته وري هتان وارا بحرين جو. وچ واري هٿرادو جزيري تي به ماڻهن جو ايترو ميڙ رهي ٿو جو پير رکڻ جي جاء نه ملندي آهي.

دمام جي هڪ پاسي عربي/ فارسي نار ۽ ٻئي پاسي وري رِڻُ هجڻ ڪري ڪيترائي سعودي ڪُٽنب وري موڪلن وارن ڏهاڙن تي رڻ جو رُخ ڪن. جھوپڙيون، رڌ پچاء جو سامان ۽ ٻيو ضرورت وارو گھريلو سامان ساڻ ڪيو ٻه ٽي راتيون اچي رڻ ۾ گُذارين. چوندا آهن نه ته هر شيء پنهنجي اصلَ ڏانهن ضرور موٽ کائي ٿي ته هنن عربن وارو به اهو ئي قصو آهي. کين رڻ سان پراڻي نسبت آهي، توڙي جو اڄڪلهه هنن وٽ زندگيء جون سڀ سهولتون موجود آهن پر پوء به رڻ ۾ راتيون گذارڻ هنن جي پسنديده پڪنڪ آهي.

دمام جا حال احوال کٽڻ جهڙا ته ناهن، اڃا ته هن ليک ۾ دمام ۽الخبر جي ٻن ٽن ماڳن جو ذڪر ڪيو آهي، پر سيروتفريح جي حساب سان صرف دمام تي ڪتابن جا ڪتاب لکجي سگھجن ٿا. ڇاڪاڻ جو سعودي حڪومت جو اڄڪلهه گھڻي کان گھڻو لاڙو سيروتفريح جي ماڳن ۽ ثقافتي ميلن منعقد ڪرائڻ ڏانهن آهي. دمام جي مختصر تاريخ، صنعتي انقلاب وغيره کانپوء  دمام ۽ ڀر پاسي جي شهرن جا باقي تفريحي ماڳ ۽ ٻيو حال احوال وري ڪنهن ٻئي ليک ۾ جاري رکبو.

عوامي آواز لنڪ